27 ڇنڇر , مئي 2017

عوامي آواز : زبردستي برقعو يا اسڪارف پارائڻ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي: نور ناز آغا | پروگرام : سرتيون

عورتن ۾ آگاهي نه هجڻ سبب اسيمبلي جي پاس ڪيل قانون تي عمل نه ٿو ٿئي

عورتن کي اسمگلنگ ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، عابده پروين چنڙ جون پروگرام سرتيون ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) عورتن جي حقن بابت بل منظور ٿين ٿا پر عورتن کي ڄاڻ نه هجڻ سبب انهن تي عمل نه ٿو ٿئي.اهڙو اظهار نامياري قانوندان نور ناز آغا عوامي آواز ٽي وي پروگرام سرتيون ۾ ڪيو.  ٽيلي فون تي ڳالهه ٻول ڪندي هن چيو ته عورتن کي آئين ۾ هڪ جھڙا حق حاصل آهن، آئين جي آرٽيڪل 25 ۾ عورتن ۽ مردن ۾ ڪو به متڀيد نه رکڻ لاءِ چيل آهي. مختلف قانونن تحت عورتن کي تحفظ ڏنل آهي. مسلم فيملي لاءِ 1961ع ۾ عورتن کي نڪاح جي رجسٽريشن، وراثت، گارڊين شپ وارا حق حاصل آهن، ويلفيئر آف چائلڊ ايڪٽ تحت زال يا مڙس ٻنهي مان جيڪو به ٻار جي وڌيڪ ڀلائي ڪري سگهي ٿو، اهو ٻار پاڻ وٽ رکي سگهي ٿو وارو حق حاصل آهي. تازي ڪيل قانوني ترميمن ۾ قرآن سان شادي جنسي هراسمنٽ، مرضي خلاف شادي جهڙا قانون متعارف ڪرايا ويا آهن. ٿوري گهڻي گهٽتائي سٽيزن شپ ايڪٽ ۾ آهي، جنهن تحت عورت ملڪ کان ٻاهرين ماڻهن سان شادي ڪري ٿي ته ان کي شهريت نٿي ملي پر مرد ٻاهرين ملڪ مان شادي ڪري ٿو ته ان عورت کي شهريت ملي وڃي ٿي. هن چيو ته زبردستي اسڪارف يا برقعو پارائڻ انساني حقن ۽ قانون جي خلاف آهي، اسلامي تاريخ ٻڌائي ٿي ڪجهه واقعن ۾ عورتن کي تنگ ڪيو ويو ته پاڻ سڳورن جن حڪم ڏنو ته  عورتون چادرون ويڙهن. اسان عورت کي ست قرآن به چئون ٿا ۽ ان کي قتل به ڪيون ٿا. سپريم ڪورٽ جي وڪيل عابده پروين چنڙ چيو ته وومين ويلفيئر پروٽيڪشن جي آيل قانونن تحت عورتن کي ضمانت جلد ملي وڃي ٿي ان ڪري اڄ ڪلهه عورتن کي منشيات جي اسمگلنگ ۾ استعمال ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن.  طالبان اسلامي قانون جي بنياد تي عورتن کي سزائون ڏين ٿا پر اهي چار گواهه آڻڻ واري شرط تي عمل ناهن ڪندا. قرآن سان شادي ڪرائڻ تي به ست سال سزا ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-27-15h27m25s174

عوامي آواز رپورٽ |تلهار: لوڊ شيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

*تلھار ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان بجلي جي لوڊشيڊنگ ماڻهن جو جيئڻ جنجال …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي