30 اڱارو , مئي 2017

منهنجو والد بنا ڪنهن پريشانيءَ جي پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي: مريم نواز

07اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف جي صاحبزادي مريم نواز چيو آهي ته مان پنهنجي والد ۽ گهر ڀاتين جي هڪ به فرد جي چهري تي پريشان جا اثر ناهن ڏٺا ايئن تڏهن ٿيندو آهي جڏهن دامن صاف ۽ معاملا الله تي ڇڏيا وڃن، اها ڳالهه مريم نواز شريف سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چئي، ان واضح اشارو ڪيو ته پاناما ليڪس جي فيصلي کي وٺي شريف خاندان ۾ ڪابه پريشاني ناهي، پنهنجي پيغام ۾ هن اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن معاملن کي الله تي ڇڏيو ويندو آهي ته الله تي ڀروسو ڪرڻ وارا ڏکايل يا پريشان ناهن ٿيندا ان لاءِ پنهنجي والد کي هڪ ڀيرو به پريشان ناهي ڏٺو، ان پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئٽ ۾ اپوزيشن جماعتن کي پاناما ڪيس متعلق فيصلي جي حوالي سان تياريون ۽ بيانن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته انهن ماڻهن جا تمام منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ انهن جو مستقبل اونداهو آهي جڏهن ته شريف خاندان انهن هٿڪنڊن کان آزاد آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته جڏهن ڪنهن جو دامن صاف ۽ ان پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪري ڇڏيو هجي ته اهڙا ماڻهو ڏکيل يا پريشان ناهن ٿيندي بلڪ اهي پنهنجي منزل تي ڌيان رکندي اڳتي وڌندا رهندا آهن ۽ منهنجو والد وزيراعظم نواز شريف به هن وقت ايئن ئي ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Matni

پشاور جي علائقي متني ۾ گاڏي تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ): متني ۾ گاڏي فائرنگ جي نتيجي ۾ امن ڪميٽي جا 4 ميمبر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي