30 اڱارو , مئي 2017

ڌرڻن ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي: شهباز شريف

06شيخوپوره(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته 2014ع جي ڌرڻن ملڪي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۽ ملڪ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي. وزيراعظم نواز شريف ڀکي پاور پلانٽ جي افتتاح دوران پنجاب جي وڏي وزير خطاب ڪندي چيو ته تمام مخالفت باوجود به هن منصوبي جي افتتاح جو سهرو وزيراعظم جي مٿي تي آهي، شهباز شريف چيو ته ڏکيائن باوجود هن سال جي آخر ۾ ايندڙ سال جي شروع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو، هن چيو ته ڀکي پاور پلانٽ ترقي ترقي جا دروازا کولڻ طرف قدم آهي، پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته بجلي جي منصوبن ۾ 112 ارب رپيا بچت ڪئي وئي آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ايتري بچت ۽ شفافيت اڄ تائين ڏسڻ لاءِ ناهي ملي. هن چيو ته بجلي نه هئڻ سان لکين ماڻهن جو روزگار بند ٿي ويو هو، شهباز شريف چيو ته حويلي بهادر شاهه، بلوڪي ۽ ڀکي پاور پلانٽ جي مشينري دنيا جي بهترين مشينري آهي، سندس چوڻ هو ته 18 مهينن جي رڪارڊ مدت ۾ ڀکي پاور پلانٽ جو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته گذريل حڪومت جي دير سان جوڙيل لائحه عمل سبب نندي پور بجلي منصوبي ۾ 18 کان 20 ارب رپيا وڌيڪ لڳا، پنجاب جي وڏي وزير چيو ته جن هن قوم کي لٽيو ۽ برباد ڪيو اهي اسان مٿان الزام لڳائي رهيا آهن، هن چيو ته عوام کي يقين اچي ويو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جلد ختم ٿي ويندي، سندس چوڻ هو ته تمام تر ڪاوشن باوجود جيڪڏهن بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌي ته ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي، هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ذميوارن کي جڏهن سخت ترين سزا ملندي تڏهن ڳالهه ٺهندي، شهباز شريف چيو ته 2014ع جا ڌرڻا پي ٽي آءِ جي بدترين سازش هئي ته جيئن چيني صدر پاڪستان نه اچي، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن کي چيو ويو ته صرف ٽڻ ڏينهن لاءِ ڌرڻي جي جڳهه تان هٽي وڃو پر انهن ڳالهه نه مڃي، سندس چوڻ هو ته ڌرڻن سبب قوم جا 10 مهينا ضايع ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Matni

پشاور جي علائقي متني ۾ گاڏي تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ): متني ۾ گاڏي فائرنگ جي نتيجي ۾ امن ڪميٽي جا 4 ميمبر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي