16 اربع , آگسٽ 2017

نواز شريف کي ضرورت پئي تڏهن به سندس ڪم نه ايندس: آصف زرداري

Asif zardariاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته نواز شريف اسان سان تمام گهڻي بدديانتي ڪئي ۽ هاڻي کيس اسان جي ضرورت به پئي ته فون نه کڻندس، نجي ٽي وي پروگرام ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي آصف زرداري چيو ته اسان کي پاناما ڪيس جي فيصلي جو سختي سان انتظار آهي، نواز شريف کي ڪنهن فيصلي کي مڃڻ جي عادت ناهي، ان لاءِ خبر ناهي ته وزيراعظم پاناما ڪيس جي فيصلي بعد ڇا ڪندو، تنهن ڪري پاناما فيصلي تي احتجاج جمهوريت جي لاءِ سٺو نه هوندو، جڏهن ته فيصلو نواز شريف جي خلاف آيو ته مڃي وٺڻ بهتر هوندو، ڇو ته ان وٽ ڪيترائي ماڻهو آهن، جن مان ڪنهن کي به وزيراعظم بڻائي سگهي ٿو، آصف زرداري چيو ته حڪمران جمهوريت کي نقصان پهچائي رهيا آهن ۽ اهي شهنشاهه بڻجي پارليامينٽ هلائي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت جي خاتمي تائين پوري پاڪستان ۾ تحريڪ هلائينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان عوامي تحريڪ کي مال روڊ تي ڌرڻي جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان عوامي تحريڪ کي اڄ رات 10 وڳي تائين مال …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي