23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

پاناما فيصلي کان بچڻ لاءِ ٽڪراءَ وارو ماحول جوڙيو پيو وڃي: تحريڪ انصاف

05اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ن ليگ طرفان ڌمڪين تي ٻڌل اشتهاري مهم شروع ڪئي وئي آهي، پاناما فيصلي کان فرار ٿيڻ جو رستو ڪڍڻ لاءِ حڪمران جماعت ٽڪراءَ جو ماحول ڳولي رهي آهي. تفصيل مطابق عمران خان جي رهائشگاهه بني گاله ۾ چيئرمين جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت جو اجلاس گهرايو ويو جنهن ۾ پاناما فيصلي جي ايندڙ فيصلي متعلق صورتحال تي غور ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ ن ليگ جي غير جمهوري روين ۽ قدمن جو خاص جائزو ورتو ويو ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڌمڪين تي ٻڌل اشتهاري مهم تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن پاناما فيصلي کان فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪرڻ لاءِ ٽڪراءَ جو ماحول پيدا ڪري رهي آهي، ماضي ۾ به نواز ليگ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو پر هاڻي تحريڪ انصاف سندن ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته سپريم ڪورٽ تي نواز ليگ طرفان حملي جي منصوبابندي پنجاب هائوس ۾ ڪئي وئي ۽ هاڻي پنجاب ۾ اها ئي صورتحال پيدا ٿي رهيو آهي ڇو جو حڪمران جماعت سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ۽ ججن کي خوفزده ڪري چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف کي سياست مان بي دخل ڪرڻ جي سازش ٻيهر ناڪام ٿي وئي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف کي سياست …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي