24 ہفتہ , فروری 2018

صوبائي حڪومت رينجرز کي پنهنجي گارڊ طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي: چوڌري نثار

04اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته رينجرز جي ڪارڪردگي ۽ قربانين کي هر ٽن مهينن کان پوءِ تڪراري بڻايو ويندو آهي، سنڌ حڪومت رينجرز کي پنهنجي گارڊ طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿي، گهرو وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت رينجرز کي پنهنجي گارڊ ۽ وي آءِ پيز سيڪيورٽي لاءِ استعمال ڪرڻ ٿي چاهي، رينجرز ڪا سيڪيورٽي ڪمپني ناهي جنهن کي صرف ان ڪم تائين محدود رکيو وڃي، سندس چوڻ هو ته رينجرز اختيار ملڻ کانپوءِ پنهنجو ذميواريون پوريون ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته سنڌ جو عوام رينجرز جي ڪارڪردگي تي مطمئن آهي ۽ رينجرز تي اعتماد ڪري ٿو، چوڌري نثار چيو ته سنڌ حڪومت سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي سيڪيورٽي تي سمجهوتو ڪندي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي لاءِ رينجرز جي سيڪيورٽي گهري ٿي ٻئي طرف عوام کي بي يارومددگار ڇڏي ڏي ٿي، چوڌري نثار چيو ته پنجاب ۾ رينجرز کي آئين مطابق اختيار ڏنا ويا آهن، گهرو وزارت پاڻ ان مسئلي کي حل ڪري سگهي ٿي پر هو صوبائي حڪومت جي جواب جو انتظار ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرگوڌا جي ميئر مريم نواز کي هيرن سان ٺهيل 20 تولن جو سون جو تاج پارايو

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے