28 جمعو , اپريل 2017
نڪور خبرون

پاڪستاني نوجوان داعش ۾ شامل نه ٿي رهيا آهن: گهرو وزارت

03اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت چيو آهي ته جولاءِ 2015ع ۾ داعش کي دهشتگرد تنظيم طور تي واضح ڪيو ويو ۽ ان تاثر ۾ ڪابه حقيقت ناهي ته پاڪستان جا نوجوان داعش ۾ شامل ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ گهرو وزارت پاران لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چئي وئي آهي. اڄ ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس ۾ سوال جواب جي سيشن ۾ گهرو وزارت ۽ ريلوي وزير طرفان سينيٽ ميمبرن جي سوالن جا لکت ۾ جواب ڏنا ويا. لکت ۾ ڏنل جواب جي متن مطابق سنڌ حڪومت طرفان 94 مدرسن جي فهرست ملي آهي جن خلاف ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت مطابق سنڌ حڪومت نام نهاد شڪي مدرسن جا ثبوت ناهن ڏنا جيڪڏهن ثبوت يا شهادت ملي ها ته وفاقي حڪومت انهن مدرسن خلاف ضرور ڪارروائي ڪري ها، گهرو وزارت سينيٽ ميمبرن کي ٻڌايو ته 2007 کان 2017 تائين 2 لک 44 هزار کان وڌيڪ هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا ويا جڏهن ته ان دوران پابندي مڙهيل بور جا 79412 لائسنس جاري ڪيا ويا جڏهن ته غير پابندي لڳل 1 لک 65 هزار 327 لائسنس جاري ٿيا. ان کانپوءِ ريلوي واري وزارت طرفان لکت ۾ جواب ڏنو ويو ته سرڪاري ادارن ۽ بااثر ماڻهن 4196 ايڪڙ ايراضي تي قبضو ڪيو جنهن خلاف آپريشن ڪري 3 هزار 573 ايڪڙ ايراضي ڇڏائي چڪا آهيون ۽ ناجائز قبضن خلاف 1660 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 1767 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ 35 ڏوهاري بري ۽ 61 ڪيسن جي جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shehbaz sharif

”هڪ چالاڪ، ٻيو ڪوڙو“ شهباز شريف جي آصف زرداري ۽ عمران خان تي ڇتي تنقيد

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير ايوان اقبال ۾ ليپ ٽاپ جي ورهاست واري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي