27 خميس , جولاءِ 2017

ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ بس درياهه ۾ ڪري پئي، 44 ڄڻا فوت

Indiaنئين دهلي (ويب ڊيسڪ): ڀارتي رياست هماچل پرديش ۾ مسافر  بس درياهه ۾ ڪرڻ سبب 44 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب رياست هماچل پرديش جي ضلعي شمله ۾ مسافر بس درياهه ۾ ڪرڻ سبب 44 ڄڻا فوت ٿيا، واقعي جا اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي امدادي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ريسڪيو اختيارين موجب بس ۾ 56 ڄڻا سوار هيا، جنهن سبب فوتن ۾ اضافي جو خدشو آهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثو صبح جي وقت پيش آيو، بس اترکنڊ وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي ۽ قلابازيون کاِئيندي درياهه ۾ وڃي ڪري، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قنڌار ۾ افغان فوجي اڏي تي طالبان جو حملو، 26 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ): قنڌار جي ضلعي خاڪريز جي علائقي ڪرزلي ۾ واقع فوجي اڏي تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي