27 ڇنڇر , مئي 2017

پاناما ليڪس جو فيصلو ملڪي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيندو: عمران خان

02اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو پاڪستان جي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيندو جنهن جو اثر پوري ملڪ تي پوندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بني گالا ۾ پنهنجي پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو جنهن ۾ پوري ملڪ مان پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاناما ڪيس جي فيصلي جو اثر پوري پاڪستان تي ٿيندو جيڪو ان صورتحال تبديل ڪري ڇڏيندو. ان چيو ته پورو ملڪ پاناما ڪيس جي فيصلي جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ تحريڪ انصاف تاريخي جدوجهد ڪئي جنهن تي پنهنجي هڪ هڪ ڪارڪن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جن جي جدوجهد رنگ ڏيکارڻ واري آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان جو روشن مستقبل اڄ تحريڪ انصاف جي راهه تائين رهيو آهي ڇو جو هيءَ ئي جماعت آهي جنهن ڪرپشن خلاف عملي جدوجهد ڪئي ۽ پاناما ڪيس کي سرد خاني جي نذر نه ٿيڻ ڏنو ۽ ميڊيا ۾ ان کي زندهه رکيو، ان چيو ته سڀاڻي واري فيصلي کانپوءِ پاڪستان ۽ اڄ جي پاڪستان ۾ نمايان فرق هوندو ڇو جو ڪرپشن اڄ پاڪستان جو سڀ کان وڏو اشو بڻجي چڪو آهي ۽ پوري قوم ڄاڻي ورتو آهي ته مسئلن جو سڀ کان بنيادي سبب ڪرپشن ئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mariyam Orangzeb

اڄ سمورا صوبا شهباز شريف کي اوڌر تي وٺڻ جي درخواست پيا ڪن: مريم اورنگزيب

مري(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي