21 سومر , آگسٽ 2017

شاهدن کي ڌمڪيون: رينجرز عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

Dr asimڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف رينجرز عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف دهشتگردن جي علاج ڪيس ۾ گواهن کي ڌمڪيون ڏيڻ تي رينجرز دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ ٽي رينجرز اهلڪارن کي به شاهد طور شامل ڪيو ويو آهي. رينجرز جي وڪيل طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم طرفان داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ ان جا ويجها ساٿي گواهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڊاڪٽر يوسف ستار سميت 2 گواهن جي زندگين کي خطرو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊڪي ۾ ڊاٽسن جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا زخمي

نارو (ن ع آ) چونڊڪي شهر جي نارا پمپ ڀرسان السادات سي اين جي فلنگ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي