21 سومر , آگسٽ 2017

ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو: بي جي پي اڳواڻ خلاف مجرماڻو الزام بحال

Babri Mosqueنئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو ٻڌايو آهي ايل جي ايدواني سميت بي جي پي اڳواڻ خلاف مجرمانا الزام ۽ بابري مسجد کي شهيد ڪرڻ جي الزام ۾ بي جي پي اڳوان خلاف ڪيس بحال ڪيو ويو آهي. ڀارتي سپريم ڪورت ۾ بابري مسجد شهيد ڪرڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي ۽ سپريم ڪورت بي جي پي اڳواڻ ايل جي ايدواني خلاف سي بي آئي جي اپيل کي بحال ڪيو آهي، سي بي آئي بي جي پي اڳواڻ خلاف الزام واپس وٺڻ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي، هاڻي فيصلو ٻڌايو ويو آهي ته بابري مسجد ڪيس ڪنهن جج کي ترانسفر نه ڪيو ويندو  ۽ معمول جي حالات ۾ بابري مسجد ڪيس  دوران ڪو به التوا نه ٿيندو،ڪليان سنگهه جي گورنر رهڻ تائين ان خلاف ڪيس رجسٽر نه ڪيو ويندو ۽ بابري مسجد ڪيس 4 هفتن ۾ رائي بريلي سان لکنو منتقل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا جو رويو صورتحال کي ايٽمي جنگ طرف وٺي وڃي رهيو آهي: اتر ڪوريا

پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ): اتر ڪوريا هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کي ڌمڪي ڏني آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي