27 خميس , اپريل 2017

21 جزن کي استعمال ڪري هڪ هزار کان وڌيڪ قسم جا سلاد  تيار ڪندڙ روبوٽ تيار

sallysaladxسان فرانسڪو(ويب ڊيسڪ) گوگل جي سڀ کان پهرين ايگزيڪٽيو شيف چارلي آئرز هڪ اهڙو روبوٽ تيار ڪيو آهي جيڪو 21 جزن کي استعمال ڪري هڪ هزار کان وڌيڪ قسم جا سلاد  وڏي مهارت سان تيار ڪري ڪري رهيو آهي ۽ سلاد جو هڪ ڊريش تيار ڪرڻ ۾منٽ کان به گهٽ وقت ٿو لڳي. آئرز هي روبوٽ اسٽارٽ اپ ڪمپني جي تعاون سان تيار ڪيو آهي ۽ هن کي ”سيل“ جو نالو ڏنو ويو آهي. اسٽارٽ ڪمپني خاص طور تي هن مقصد تحت تيار ڪيو آهي ته مستقبل ۾ انسانن کي پاڻ کاڌو پچائڻ کان ڇوٽڪارو ڏنو وڃي ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۽ مهانگي ريسٽورنٽن ۾ ٺهندڙ کاڌا گهر ۾ به پچائي سگهجن. ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن سال جي آخر تائين اهڙا 125 روبوٽ فارنسڪوبي ايريا جي مختلف هنڌن تي لڳايا ويندا ته جئين آفيسن ۾ڪم ڪرڻ وارا ملازم منجهند جي ماني سڻڀ سان ڀرپور نقصانڪار کاڌن کان بچي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Twitter

ٽوئيٽر اڪائونٽ ڪيئن ويري فائيڊ ٿيندو آهي ؟؟

 لنڊن(ويب ڊيسڪ) سماجي رابطي واري ويب سائٽ ٽوئٽر ۾ نالي اڳيان هڪ بليو ٽڪ پهرين …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي