21 سومر , آگسٽ 2017

احتساب عدالت ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي: اڳوڻي آءِ جي کي ريفرنس جا نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم

X IGڪراچي(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت  غيرقانوني ڀرٿين واري ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت شريڪ نامزد جوابدارن کي ريفرنس جا نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدالت ۾ اڳوڻو آءِ جي حيدر جمالي سميت نامزد شريڪ جوابدار اڳوڻو اي آءِ جي فنانس فداحسين شاهه، اڳوڻو ايس پي غلام نبي ڪيريو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. نيب پاران ريفرنس داخل ڪندي چيو آهي ته جوابدارن ايس آر پي حيدرآباد ۾ 881 غيرقانوني ڀرتيون ڪري 50 ڪروڙ 46 لک 61 هزار 664 روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. نيب پاران چيو ويو آهي ته غيرقانوني طور ڪانسٽيبلز، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ٻيون ڀرتيون ڪيون ويون. عدالت پاران جوابدارن کي ريفرنس جا نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊڪي ۾ ڊاٽسن جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا زخمي

نارو (ن ع آ) چونڊڪي شهر جي نارا پمپ ڀرسان السادات سي اين جي فلنگ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي