21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

بجلي جي بحران جو اعتراف ڪيان ٿو، جلد ضابطو آڻبو: خواجا آصف

Khuwaja Asifاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته بجلي جي بحران جو اعتراف ڪيان ٿو، اها ڳالهه بلڪل درست آهي 10، 15 ڏينهن کان بجلي جو بحران پيدا ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته گرمي جي ڪري بجلي جي گهرج ۾ واڌ ٿي وئي آهي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. هن چيو ته بجلي جي بحران جو اعتراف ڪيان ٿو، گذريل 2 سالن کان صنعتن ۾ زيرو لوڊشيڊنگ آهي، گذريل حڪومت ننديپور پاور پراجيڪٽ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو، نندي پور پروجيڪٽ بجلي پيدا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته نيلم جهلم پراجيڪٽ 92 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪا آهن، ايندڙ سال ڪم شروع ٿيندو، 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ وارو واعدو پورو ڪنداسين، بجلي جي موجوده بحران تي 10 کان 8 ڏينهن ۾ ضابطو اچي ويندو جڏهن ته نيلم، جهلم ۽ ترٻيلا به ايندڙ سال هلندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم تي حملي جو سبب پوليس جي سستي هئي: آءِ جي پنجاب

لاهور(ويب ڊيسڪ) آءِ جي پنجاب عارف نواز جو چوڻ آهي ته سري لنڪن ٽيم تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي