25 اڱارو , اپريل 2017

جنهن به پاناما جو فيصلو قبول ڪرڻ ۾ هٻڪايو اهو ماريو ويندو: شيخ رشيد

Rasheedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو ملڪ جي صحيح رستي جو تعين ۽ ڪرپشن جي گهيرو تنگ ڪندو. پاناما ڪيس جي فيصلي جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جنهن به فيصلو قبول ڪرڻ ۾ هٻڪايو اهو ماريو ويندو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته جج صاحبن پاڻ چيو ته فيصلو صدين تائين ياد رکيو ويندو پر ائين تڏهن ئي ٿيندو جڏهن فيصلو انقلابي هجي، ڪجهه ماڻهن کي سزائون ملن ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو ائين ايندو جو ٻيهر ڪو ملڪ جو سربراهه اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ کان پهرين سوچيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kaira00000

اسان جي آءِ ٽي کي رد ڪري چڪا آهيون، ان جو فيصلو ڪيئن قبول ڪنداسين: قمر زمان ڪائره

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاناما ڪيس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي