28 اربع , جون 2017

توهين رسالت قانون ۾ ترميم ڪري غلط استعمال روڪيو وڃي:قومي اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور

Untitled-7 copyاسلام آباد (م ڊ+آن لائن+اي پي پي) قومي اسيمبلي مردان يونيورسٽي ۾ نوجوان شاگرد مشعال خان جي قتل جي حوالي سان هڪ مذمتي قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته توهين رسالت جي قانون جي غلط استعمال کي روڪڻ ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ان ۾ ضروري ترميمون شامل ڪيون وڃن. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان مشعال خان جي قتل جي مذمت ڪري ٿو ۽ مطالبو ڪري ٿو ته توهين رسالت جي قانون ۾ حفاظتي شقون شامل ڪيون وڃن ۽ ان واقعي جي جوابدار ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ۽ آئنده ان قسم جي واقعن جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايوان قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن مردان يونيورسٽي ۾ نوجوان شاگرد مشعال خان جي قتل جي حوالي سان مذمتي قرارداد جي پرزور حمايت ڪندي چيو ته ان واقعي جي جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، تنهن هوندي به ان ڳالهه تي به غور ڪيو وڃي ته اهڙا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن. سببن جي روڪٿام تي به ڌيان ڏنو وڃي. جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ميمبر نعميه ڪشور خان چيو ته نورين لغاري ۽ مشعال خان جا معاملا آيا آهن، اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قراردادن بدران ٺوس قدم کڻڻا پوندا. مشعال خان جي واقعي ۾ ڪنهن جو ڪردار آهي، ان حوالي سان به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي ميمبر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي جي صلاحڪار پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ کي به ٻڌايو وڃي، هن چيو ته توهين رسالت جي قانون جي غلط استعمال جي حوالي سان اسان سڀ هڪ آهيون. عالم سڳورا ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جماعت اسلامي جي ميمبر شير اڪبر خان چيو ته مشعال خان جي قتل جي پرزور مذمت ڪريان ٿو، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس مان اميد آهي ته انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون. ايم ڪيو ايم جي ميمبر ساجد احمد به مردان يونيورسٽي واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته جهڙي طرح مشعال خان کي قتل ڪيو ويو ان جو مثال گهٽ ئي ملي ٿو. ان واقعي سان پاڪستان جي تشخص کي نقصان پهتو آهي.1130

مشعال جو قاتل پي ٽي آءِ جو ڪائونسلر نڪتو، فائر ڪندڙ جو نالو لڪائڻ لاءِ حلف

اسلام آباد (م ڊ): مردان يونيورسٽي ۾ شاگرد مشعال خان جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 26 جوابدارن مان 6 يونيورسٽي ملازم به شامل آهن، جن کي يونيورسٽي انتظاميا معطل ڪري ڇڏيو، تفصيلن موجب يونيورسٽي انتظاميا قتل ۾ ملوث يونيورسٽي ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، معطل ٿيل ملازمن ۾ سپرنٽنڊنٽ افسر خان، اسٽور ڪيپر سجاد علي، آفيس اسسٽنٽ محمد اجمل، انس علي، علي خان، سينيئر ڪلارڪ حنيف احمد ۽ اٽينڊنٽ نواب علي شامل آهن، واضح رهي ته مشعال خان قتل ڪيس ۾ هيل تائين 26 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان يونيورسٽي جا 6 ملازم به شامل آهن. ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته واقعي جي مک جوابدار جو نالو عارف خان آهي، جنهن جو واسطو ڪي پي ڪي جي حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي شاگرد ونگ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان آهي ۽ هو مردان تعلقي ڪائونسل جو ميمبر به آهي، جاري ٿيل ويڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته مڇريل ماڻهو يونيورسٽي ۾ گڏ ٿي مشعال جي قتل تي جشن ملهائي رهيا آهن ۽ عارف خان کين پشتو ۾ خطاب ڪندي قسم کڻائي رهيو آهي ته گولي هڻندڙ جو نالو پوليس کي ڪو به نه ٻڌائيندو ۽ جيڪو به ٻڌائيندو اهو غدار هوندو ۽ نبي سان غداري ڪندو، جنهن تي سڀني ماڻهن نالو ظاهر نه ڪرڻ جو وچن ڪيو. عارف خان چوي ٿو ته ڪيس داخل ڪرڻو اٿو ته منهنجو نالو عارف ۽ پيءُ جو نالو طور خان آهي، ڪالهه پوليس وڌيڪ 5 ڄڻا گرفتار ڪيا، جن کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو. يونيورسٽي اڃا تائين بند آهي. پر عملو ڪم تي اچي رهيو آهي.1130

مشعال جي مڙهه جي ڌار جاءِ تي تدفين، لاش جي بيحرمتي جو خطرو، پوليس مقرر

ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) خيبر پختون خواهه جي مردان شهر ۾ واقع عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ بهتان هيٺ هجوم هٿان قتل ٿيل نوجوان مشعال خان کي مرڻ کان پوءِ به سک نصيب نه ٿيو. انڪشاف ٿيو آهي ته سندس مڙهه ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ والدين جي زمين ۾ مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. لاش جي بيحرمتي جي خوف سبب مزار تي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. اڳوڻي فنڪار ۽ نالي واري سماج سڌارڪ علي سلمان علوي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيل ٽوئيت ۾ انڪشاف ڪيو ته مشعال خان پنهنجي قبر ۾ محفوظ نه آهي. سندس مزار تي   پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. اها حالت آهي، ان ڪري ئي اسان کي برباد ٿيڻ لاءِ ڪنهن به دشمن جي ضرورت نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته مشعال جو مڙهه سندس  خاندان جي پنهنجي زمين ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيوويو آهي. سندس مڙهه کي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته مشعال پنهنجي زندگيءَ ۾ به ٻين کان ڌار بيٺل رهيو. سندس اڪيلي  قبر به سندس زندگي جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي. 1129

مشعال جي خاندان جي همت حيران ڪيو، قاتلن کي مثال بڻائبو: عمران

صوابي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان مشعال خان جي والد سان سندس گهر وڃي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته مشعال خان قتل ڪيس پاڪستان ۾ مثال بڻائينداسين، ذميوار ڪنهن به پارٽي جا هجن سزا ضرور ڏيارينداسين.پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان مردان ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ شاگردن جي تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد مشعال خان جي گهر پهتو ۽ هن سندس والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مشعال خان قتل ڪيس ۾ ڪنهن به صورت ۾ پوئتي نه هٽنداسين،  مشعال کي هڪ سازش تحت قتل ڪيو ويو ۽ ثابت ٿي ويو ته هن توهين مذهب نه ڪئي هئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ان قتل ۾ ملوث ماڻهو ڀلي پارٽي، مذهبي يا سياسي هجن انهن کي سزا ڏيارينداسين. اهڙو سلوڪ هڪ جانور سان به ناهي ٿيندو جهڙو انسانن سان ڪيو ويندو آهي. ٻئي طرف عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مشعال جي خاندان جي فخر ۽ سندن همت مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هن چيو ته هنن مون کان ٻه مطالبا ڪيا هڪ ته ملوث ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته جيئن ڪو ٻيو خاندان اهڙي ڏک کي برداشت نه ڪري. هن چيو ته ٻيو مطالبو ڪيو ويو ته جنهن يونيورسٽي ۾ مشعال خان قتل ٿيو اها سندس نالي سان منسوب ڪئي وڃي. آئون ٻئي مطالبا پوري ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس.1130

سينيٽ ڪميٽي مشعال ڪيس فوجي عدالت اماڻڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي مشعال خان جو قتل ڪيس فوجي عدالت ۾ موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته مشعال خان قتل ڪيس فوري طور فوجي عدالت جي حوالي ڪيو وڃي. ان موقعي تي سينيٽر جاويد عباسي چيو ته مشعال خان کي قتل ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏيڻ گهرجي، معاملي کي اينگهائڻ جي لاءِ جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وئي. سينيٽ جي ڪميٽي سوشل ميڊيا تي مردان واقعي جي ويڊيو بلاڪ ڪرڻ جي سفارش به ڪئي. ڪميٽي جي چيئرمين موجب هجوم پراسيڪيوٽر، انويسٽي گيٽر ۽ جلاد نٿو بڻجي سگهي، توهين مذهب بابت قانون موجود آهي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي، توهين مذهب جي ڪوڙن الزامن تي به اها ئي سزا هئڻ گهرجي.1130

چترال ۾ ثقافت انتهاپسندي جي نشاني تي، جشن بهار ۾ عورتن جي شرڪت تي بندش

پشاور (م ڊ) چترال جي ضلعي انتظاميه 20 اپريل کان شروع ٿيندڙ بهار جي جشن ۾ عورتن جي شرڪت تي  بندش لڳائي ڇڏي آهي. تعلقي مستوج جي ناظم مولوي يوسف جي جاري ڪيل بيان ۾ عورتن جي شرڪت تي بندش لڳائي وئي. جي يو آءِ سان لاڳاپيل ناظم چيو ته جشن قاقلشت ۾ مقامي ۽ غير مقامي عورتن کي اجازت نه هوندي. هن چيو ته هتي مذهبي ماحول آهي. ان کي نقصان نه ٿا رسائڻ چاهيون، عريانت کان بچڻ لاءِ عورتن تي بندش لڳائي آهي.3303

توهين رسالت ٿيڻ نه ڏينداسين، قائد اعظم جي اصولن جو به خيال رکڻو پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (آن لائن) سپريم ڪورٽ بول ٽي وي جي پيمرا جي حڪم خلاف درخواست اڪلائي ڇڏي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نبي جي شان اسان جي ايمان جو حصو آهي. ڪنهن کي به توهين رسالت يا مذهب جي توهين جي اجازت نه ڏينداسين. ڪنهن اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ته به قبول نه ڪيون وينديون. قائد اعظم جنهن بنياد تي ملڪ ٺاهيو ان جو به خيال رکڻو پوندو. هن چيو ته پيمرا قانون جو به جائزو وٺڻو پوندو، ڪو به ادارو ماڻهن جا پٽڪا نه ٿو لاهي سگهي. رڳو لفظ ئي نه لفظن جي ڍار ۽ اشارا پڻ توهين جي زمري ۾ اچن ٿا. اينڪر عامر لياقت اضافي دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو. جنهن تي عدالت توهين جي معاملي تي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. 1129

سنڌ جي ڇوڪري ڪيئن بمبار بڻي، ڌيان ڏيڻ کپي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(م ڊ+ايجنسيون) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ ڪير به اچڻ جي لاءِ تيار ناهي، آئون اڄوڪي صورتحال تي روئي رهيو آهيان، حڪومت جي رويي مان خطرناڪ پيغام وڃي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو ته فيصلا پارليامينٽ جي ٻاهران ويهي ڪيا پيا وڃن، 4 سالن دوران ڪابينا جا رڳو 25 کان 30 اجلاس گهرايا ويا آهن جڏهن ته اسان جمهوري نظام جي لاءِ ويڙهه وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف مڪي مديني ۽ لنڊن ۾ ويهي اسان کي چوندو آهي جمهوري نظام کي مضبوط ڪرڻو آهي، ڪلڀوشن ياديو، افغان بارڊر ۽ مشعال خان جهڙا مسئلا موجود آهن. هن چيو ته مسئلن جي باجود پارليامينٽ ۾ ڪا به ڳالهه نه پئي ڪئي وڃي عوام کي پاڻي جهڙيون بنيادي شيون ناهن ملي رهيون ۽ اسان اڄ به پارليامينٽ جي تقدس جو احترام ڪندا آهيون. هن چيو ته مخالف ڌر کي فرينڊلي اپوزيشن جو طعنو ڏنو ويندو آهي، پارليامينٽ جو مذاق نٿا اڏائڻ چاهيون، مخالف ڌر قومي اسيمبلي مان هر روز  واڪ آئوٽ ڪندي آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هن وڌيڪ چيو ته مشعال خان واقعي تي ڪير به بيان ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي، حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، اسان جي مجبوري آهي ته هي نظام هلي جڏهن ته اسان جي پيرن ۾ زنجيرون آهن. هن چيو ته سنڌ جي هڪ ڇوڪري ڪهڙين حالتن ۾ دهشتگردن جي هٿن ۾ وئي ۽ هو خودڪش بمبار بڻي، ان صورتحال جي حوالي سان به اسان سڀني کي هڪ آواز ٿي پيغام ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. خورشيد احمد شاهه جي خطاب کانپوءِ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته ان حوالي سان واضح بيان گهرو وزارت ئي ڏئي سگهي ٿي تنهن هوندي به مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي ٻين نقطن جي حوالي سان جواب ڏيندي هن چيو ته پارليامينٽ جهڙي طرح مخالف ڌر جي لاءِ مقدس آهي اهڙي طرح هي اسان جي لاءِ به مقدس آهي، اسان ماضي ۾ ڪڏهن ڪورم جي به نشاندهي نه ڪئي، اسان به چاهيون ٿا ته نظام هلندو رهي ۽ مستحڪم ٿئي. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اسان تي قانون ۽ آئين جي پاسداري سڀني ڳالهين کان مٿانهين آهي، اسان جيڪو قانون منظور ڪيو هو ان جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي، اسان احتجاجن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪريون ٿا، ان سان گڏ ئي پيپلزپارٽي جا ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي ڪالهه اڱاري ڏينهن ڪورم جي نشاندهي سبب ڪجهه دير جي لاءِ معطل رهي، پيپلزپارٽي جي ميمبر شاهده رحماني ڪورم جي نشاندهي ڪئي، اسپيڪر ڳڻپ جو حڪم ڏنو، ميمبرن جو گهربل تعداد پورو نه نڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي ڪورم پورو ٿيڻ تائين معطل ڪري ڇڏي. جڏهن ته ان کانپوءِ اسپيڪر ڪورم پورو نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. 1130

نورين ساهيڙين ۾ انتهاپسندي جي تبليغ ڪئي: جاچ آفيسر

حيدرآباد(م ڊ) فل ۽ هاف فراءِ جي باني ۽ نورين لغاري ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته نورين ڪاليج ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ تبليغ ۽ ساهيڙين کي پاڻ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان بلوچ چيو ته نورين جا خيال انتهاپسنداڻا هئا، هن پنهنجي ساهيڙي کي ٻڌايو هو ته جهاد پسند ماڻهن سان رابطي ۾ آهي ۽ جهاد ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته نورين لغاري لاهور وڃڻ جي لاءِ پنهنجو نالو تبديل ڪيو، نورين لغاري پنهنجي ساهيڙي سان جهاد بابت ڳالهيون شيئر ڪيون، نورين ڪاليج ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ تبليغ ڪندي رهي ۽ هوءَ پنهنجي ساهيڙين کي پاڻ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.1130

نورين بيگناهه ٿي سگهي ٿي، سهيلين سان انتهاپسندي جو ذڪر نه ڪيائين: وي سي

ڄام شورو (م ڊ) لياقت ميڊيڪل ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نوشاد شيخ چيو آهي ته نورين لغاري سٺي ۽ پڙهندڙ ڇوڪري هئي. سندس سهيلين به استادن سان ڳالهايو آهي. اهڙا ثبوت ناهن مليا ته هن جا دهشتگردن سان ڪي واسطا هئا. هن ڪڏهن به سهيلين سان ان جو ذڪرنه ڪيو هو. ذاتي خيال اٿم ته هن جو سوشل ميڊيا ڏانهن گهڻو رجحان هو. اتان ئي دهشتگردن ڏانهن  وئي آهي. سوشل ميڊيا اسان جي نوجوانن جا ذهن تبديل ڪري رهيا آهن. ان جي نگراني۽ سختي ڪرڻي پوندي. والدين ٻار ڪاليج اماڻي پوءِ پاڻ کي آجو نه سمجهن. ٻار انتهاپسندي ڏانهن وڃي ته اطلاع ڏنو وڃي. هن چيو ته نورين کي پڪڙيندڙ ايجنسيون رپورٽ ڏين ته اسان ڪميٽي جوڙينداسين ۽ ڊان جي رپورٽ تي ڪارروائي ڪنداسين. پر وڌ ۾ وڌ کيس يونيورسٽي مان ڪڍي سگهون ٿا. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته نورين کي ٽريپ ڪيو ويو هجي ۽ هوءَ بيگناهه هجي. هوءَ معصوم آهي ته واپسي تي کيس هاڪاري انداز ۾ وٺنداسين. سندس تعليم مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هتي 5 هزار ٻار آهن هر هڪ جو موبائل چيڪ نه ٿو ڪري سگهان پر يونيورسٽي ۾ پرڏيهين جا هاسٽل ڌار آهن ۽ سندن مڪمل نگراني ڪئي وڃي ٿي. 1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جي هدايت تي آرمي هيلي ڪاپٽر ۽ سي 130 جهاز فراهم

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ سانحي تي افسوس جو اظهارڪندي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي