25 اڱارو , اپريل 2017

سخت گرمي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ عوام کي مڇرائي ڇڏيو، احتجاج، بحران وڌڻ تي وزيراعظم کي ڪاوڙ

Untitled-6 copyڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گرمي پد وڌي وڃڻ  سبب زندگي سخت متاثر، ساهه ٻوساٽيندڙ گرميءَ دوران  ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار تباهه،  واپارين سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي چتاءُ ڏنو آهي ته سنڌ مان بجلي جو هٿرادو بحران جو خاتمو نه آندو ويو ته سڄي سنڌ ۾ واپاري برادري طرفان احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. رپورٽن موجب سنڌ ۾ گرمي جي لهر وڌي وئي، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن 42، حيدرآباد، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽  عمر ڪوٽ ۾ 45،  سکر  ۾ گرمي پد 46، جيڪب آباد ۾ 46،  لاڙڪاڻي ۽ نواب شاهه ۾ گرمي پد 47 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو طرفان 16 کان 18  ڪلاڪ بجلي بند هئڻ ڪري ماڻهو سولر سسٽم خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. جيڪب آباد گرمي جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي، جتي اپريل مهيني ۾ ئي گرمي پد 49 تائين پهچي ويو آهي جنهن سبب عوام سان سيپڪو وارن جون زيادتيون چوٽ چڙهي ويون آهن جڏهن ته جيڪب آباد شهر جي فيڊرن تي 8 کان 10 ڪلاڪن تائين لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي ٻهراڙي جي فيڊرن تي 16کان 18  ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪري عوام سان ڪلور ڪيا پيا وڃن. لاڙڪاڻي، دادو، ڄام شوري، نوشهري فيروز سميت ٻين ضلعن ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو جيئن جو تيئن برقرار آهي، سيپڪو ۽ حيسڪو محلن توڙي ڪاروباري علائقن ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ لڳي، جنهن سبب واپار کي ڪاپاري ڌڪ رسي رهيو آهي حيدرآباد، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ مير پور خاص ۾گرمي پد 45 سينٽي گريڊ تائين وڌڻ سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا. بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ حالت ويتر خراب ڪري ڇڏي. حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اعلان باوجود ڪٿي به هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم نه ڪيا ويا آهن. ٻي پاسي انجمن تاجران پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نعيم مير حيدرآباد پريس ڪلب ۾ واپاري اڳواڻن عبدالقيوم قريشي، حاجي رحمت الله ساند، امين ميمڻ، حاجي مجيد ميمڻ، جاويد قريشي، جلال قريشي ۽ ٻين سان گڏ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچيءَ کان سواءِ سڄي سنڌ جي واپارين جي نمائنده اڳواڻن جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي واپارين جي مسئلن تي سنجيدگيءَ سان بحث مباحثو ٿيو. هن چيو ته سنڌ ۾ بجلي جي غيراعلانيل ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ گئس جي لوڊ شيڊنگ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. هن چيو پنجاب ۽ خيبر پختون خوا ۾ جيتري بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي جيڪڏهن اوتري سنڌ ۾ ڪئي وڃي تڏهن به اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو، پر سنڌ ۾ بي تحاشا لوڊشيڊنگ ڪري نه صرف عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو پيو وڃي پر سنڌ ۾ ڪارو بار کي پڻ تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي جنهن کي ڪنهن به صورتحال ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان حڪومت کي 7 ڏينهن ڏيون ٿا ته رينجرز جي اختيارين ۾ واڌ ڪري، سنڌ مان بجلي ۽ گئس جي غيراعلانيا ڊگهي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري، ايف بي آر پاران حيدرآباد ۾ ڪراچيءَ جي برابر ڪيل پراپرٽي ٽئڪس کي سکر جي برابر نه ڪيو ويو ۽ حيدرآباد ميرپورخاص ۾ وچ ۾ ماضي جيان هلندڙ ريلوي نظام بحال نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ جا واپاري هر شهر، ڊويزن اندر احتجاجي تحريڪ جو سلسلو شروع ڪندا ۽ مجبور ٿي پنهنجو شٽر پاور استعمال ڪندي غيراعلانيل عرصي تائين دڪان بند رکندا جنهن بعد پئدا ٿيل صورتحال جي ذميواري صوبائي ۽ وفاقي حڪومت تي هوندي.0329

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ سخت گرمي باوجود لوڊشيڊنگ وڌي وئي. بجلي گهرج 20 هزار ميگا واٽ ٿي وئي. بحران تي وزيراعظم به ڏمرجي پيو. هنگامي بنيادن تي بحران حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ پهريون ڀيرو بجلي جي گهرج 20 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي آهي. جڏهن ته شارٽ فال 8 هزار مان وڌي ويو آهي. پنجاب جي ٻهراڙين ۾16 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهڻ سبب رهواسي رستن تي نڪري آيا. لاهور ۾ 14 ڪلاڪ بجلي لوڊشيڊنگ سبب مناوان ۾ رهواسين احتجاج ڪيو. جڏهن ته ٽائر به ساڙيا، شيخوپورا ۾ جي ٽي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ملڪ ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي وزيراعظم نواز شريف عملدارن تي ڏمرجي پيو، وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته وقت سر منصوبابندي نه ڪندڙ تي ذميداري لاڳو ڪئي وڃي، وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته جواز نه ڏيو، عوام کي بجلي ڏيو، گرمي۾ اضافي جو بهانو مناسب ناهي، لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، عوام جي پريشاني ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڻي بجلي واري وزارت جي عملدارن چيو ته گرمي جي شدت ۾ وقت کان اڳ اضافو لوڊشيڊنگ وڌڻ جو سبب بڻيو، جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته وضاحت ڏيڻ بدران وقت سر منصوبابندي نه ڪندڙن تي ذميداري لاڳو ڪئي وڃي، گرمي وڌڻ ۽ ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ جي خبر هئي ته پوءِ منصوبابندي ڇو نه ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته بجلي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن، لوڊشيڊنگ ۾ فوري طور گهٽتائي جا قدم کڻي عوام کي رليف ڏنو وڃي، بجلي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، ذريعن موجب پاڻي بجلي وزارت جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته بجلي جي پيداوار 12 هزار 220 ميگا واٽ آهي، جڏهن ته طلب20 هزار تائين پهچي چڪي آهي.3303

Untitled-6 copy

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuwaja Asif

خبر آهي ته پ پ ۽ چوڌرين ۾ ڪيترو وزن آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي