21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

اهم فيصلي جي تاريخ جو اعلان، سپريم ڪورٽ پاناما بابت فيصلو سڀاڻي ٻڌائيندي

Panamaاسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ طرفان پاناما ڪيس جو فيصلو 20 اپريل تي ٻڌايو ويندو، سپريم ڪورٽ ڪيسن متعلق ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن مطابق پاناما ڪيس جو محفوظ فيصلو 20 اپريل تي منجهند 2 بجي ٻڌايو ويندو، جسٽس آصف سعيد کوسي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ 26 ٻڌڻيون مڪمل هئڻ کانپوءِ 23 فيبروري تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو تقريبن ٻن مهينن کانپوءِ ٻڌايو ويندو، ياد رهي ته ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر طرفان به بيان سامهون آيو هو ته پاڪ فوج به هر پاڪستاني وانگر پاناما ڪيس جي انصاف تي ٻڌل فيصلي جي منتظر آهي.گذريل سال پاناما تحت اسڪينڊل ذريعي دنيا جي ڪيئي طاقتور شخصيتن جي آف شور ڪمپنين جو انڪشاف ٿيو. وزيراعظم نواز شريف جي ٻارن جي به ملڪيت ۽ آف شور ڪمپنيون ظاهر ٿيون. جنهن تي وزيراعظم خلاف نااهلي جون درخواستون داخل ٿيون. پي ٽي آءِ جي عمران خان، جماعت اسلامي سربراهه سراج الحق ۽ شيخ رشيد پٽيشنون داخل ڪرايون. 23 فيبروري تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. جسٽس آصف کوسي چيو ته فيصلي جو ڪو به ننڍو حڪم نامو جاري نه ٿيندو. پاناما اهڙو فيصلو ناهي جنهن جو مختصر فيصلو ٻڌايو وڃي. هن ڪيس بابت مختلف انداز ۽ تجزيا ڪيا پيا وڃن. وڏي وقت کان فيصلو محفوظ هجڻ سبب به تبصرا ٿيا ۽ سوال اٿيا. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ ڀارت جي جيلن ۾ قيد مهاڻن جا گهر ڀاتي درد جي تصوير بڻيل، سندن ڪو واهرو ناهي

ڪراچي (بي بي سي نيوز) پاڪستان ۽ انڊيا جي جيلن ۾ قيد مهاڻن جا گهر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي