28 اربع , جون 2017

20 اپريل تي فتح ملندي، وزيراعظم جي نااهلي جو حڪم ڏنو وڃي: پي ٽي آءِ

PTIاسلام آباد (م ڊ): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقريرن ۾ تضاد آهي، نواز شريف پٽن کان تحفن جي رقم وصول ڪئي، ٽيڪس ادا نه ڪيو، عمران خان چيو آهي ته لنڊن فليٽ 1993 کان 1996 دوران خريد ڪيا ويا، لنڊن فليٽ شريف خاندان جي ملڪيت آهن، هن چيو ته مريم پنهنجي والد جي زير ڪفالت، آف شور ڪمپنين جي بينيفيشل مالڪ آهي، هن چيو ته وزيراعظم صادق ۽ امين ناهي، عدالت وزيراعظم جي نااهلي جو حڪم جاري ڪري. ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم الحق چيو آهي ته پاناما ڪيس جي فيصلي جو قوم بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهي آهي،  اهو فيصلو پاڪستاني عوام جي جذبن جي عڪاسي ڪندو، سندس چوڻ هو ته اسان به ان ڪيس جي فيصلي جا منتظر آهيون، نعيم الحق چيو ته عمران خان چئي چڪو آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪنداسين، هن چيو ته 20 اپريل جو ڏينهن ملڪي تاريخ جو سونهري ڏينهن ثابت ٿيندو، سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو حق ۽ سچ جي ترجماني ڪندو، نعيم الحق جو چوڻ هو ته 20 اپريل تي سچ جي فتح ٿيندي ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ پوندي. هوڏانهن عمران خان پاناما ڪيس فيصلي تي غور لاءِ پارٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جي هدايت تي آرمي هيلي ڪاپٽر ۽ سي 130 جهاز فراهم

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ سانحي تي افسوس جو اظهارڪندي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي