27 ڇنڇر , مئي 2017

ايم ڪيو ايم لنڊن جو اڳواڻ ڊاڪٽر حسن ظفر عارف ضمانت تي آزاد

Hassan Arifڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ ڊاڪٽر حسن ظفر عارف کي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت 22 آگسٽ تي ايم ڪيو ايم باني جي نفرت پکيڙيندڙ تقرير بابت ڪيس ۾ ڊاڪٽر حسن ظفر عارف جي ضمانت منظور ڪئي هئي جنهن جي 12 ڏينهن کان پوءِ ان کي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي جنهن جي تصديق سندس وڪيل ثروت اسرار طرفان به ڪئي وئي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جيل اختيارين کي ڊاڪٽر حسن ظفر عارف کي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه هئڻ جي بنياد تي سندس آزادي جو حڪم ڏنو جنهن تي هن کي آزاد ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ahsan Iqbal

بجيٽ ۾ سي پيڪ منصوبن لاءِ 180 ارب رپيا مختص ڪيا ويا: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بجيٽ ۾ سي پيڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي