22 اتوار , اپریل 2018

پاناما ڪيس جمهوريت جي قبر کوٽڻ جي سازش آهي: سعد رفيق

Untitled-5 copyاسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻن پاناما کي جمهوريت خلاف سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته فيصلو ڪنهن جي خواهش تي نه ثبوتن تي ايندو. پاناما ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو اچڻ کان اڳ وزيراعظم جي وڪيل مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت پڪن ثبوتن کانسواءِ چونڊيل نمائندي کي نااهل قرار نٿي ڏئي سگهي، وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ تقرير کي آئين جي آرٽيڪل 66 جو استحقاق حاصل آهي، وزيراعظم جي وڪيل چيو ته پارلياماني ڪارروائي کي عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي، رڳو پارليامينٽ ۾ ڪيل تقريرن تي ڪنهن کي نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي. مسلم ليگ نواز اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته نواز شريف پاڻ کي پنهنجي ٻارن سميت سپريم ڪورٽ اڳيان پيش ڪيو، هن هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته استثنا هئڻ باوجود وزيراعظم پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته ڪنهن جي خواهش تي فيصلو نه ايندو، هن چيو ته هي ڪيس قانوني يا ثبوت جي بنياد تي ناهي، سياسي ڪيس آهي. ٻئي طرف ريلوي واري وزير خواجا سعود رفيق چيو آهي ته پاناما ڪيس جمهوريت جي قبر کوٽڻ جي شرمناڪ ڪوشش آهي.3311

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ بجلي بحران لاءِ سڀاڻي اجلاس، ڪي اليڪٽرڪ کي سنڌ حڪومت 32 ارب ڏياري: وفاق

ڪراچي(م ڊ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي اڻ اعلانيل ۽ ڊگهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے