17 آچر , ڊسمبر 2017

ملڪ کي بچائڻو آهي ته هارين کي زمين ڏني وڃي: ڄام ساقي

Untitled-4 copyحيدرآباد(رپورٽر) کاٻي ڌر جي اڳواڻن، دانشورن ۽ ليکڪن چيو آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جنهن ماڻهن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، اُنهن جي سچائيءَ تي اڄ به کين يقين آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي سڄي زندگي سچائي ۽ جدوجهد ڪرڻ ۾ گذاري آهي ۽ هو نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو، جڏهن ته ڄام ساقيءَ تي ڪتاب لکي احمد سليم ۽ نذهت عباس سنڌ تي وڏو احسان ڪيو آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد جي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي ۾ ڄام ساقي بابت لکيل ڪتاب ”چلو چلو ڪي وه منزل ابهي نهين آئي“ جي مهورتي تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي کاهوڙي ڪردار ۽ برک ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ڳالهائيندي چيو ته کيس جيل مان جڏهن جناح اسپتال آندو پئي ويو ته هن تنهن  وقت جي صدر ضياءِ الحق سان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته آئون ڪنهن به سرڪاري عملدار سان نه ملندس، ڇوته جيل کان اسپتال تائين آڻڻ وقت اسڪرپٽ لکندڙ ۽ ڊائريڪٽر ساڳيائي ماڻهو آهن. هن چيو ته شاهي قلعي ۾ قيد وقت هڪ اهلڪارن کائنس پڇيو ته اوهان جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هوم سيڪريٽري کي ڇو سفارش ڪئي آهي ته اوهان جو خاص خيال رکيو وڃي، جڏهن ته ڀٽو کي سندس ڳالهايون دير سان ياد آيون، جنهن بعد هن سندس پارت ڪئي هئي. هن چيو ته ملڪ کي بچائڻو آهي ته هارين کي زمين ڏني وڃي، جيڪي جان ڏئي به ملڪ کي بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هو جڏهن ماسڪو ويو ته ڪميونسٽ پارٽي جي اهم اڳواڻ گورباچوف جو خاص ماڻهو ظاهر ڪندي کيس چيو ويو ته ڄام ساقي ماسڪو ۾ اوهان کي ڪجهه ڳالهايون پڇڻ لاءِ گهرايو ويو آهي، اهي ڳالهايون هي هيون ته هن سپريم ڪورٽ آڏو چيو هو ته 5 هزار سال اڳ آئون سنڌي هئس، 25 سالن کان پاڪستاني آهيان. ناليواري دانشور ۽ ليکڪ احمد سليم چيو ته هو پنجابي آهي، پر رهزن ۽ ظلم ڪندڙ پنجابي ناهي سڀني پنجابين کي سندس ئي جهڙو هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڄام ساقي سندس ماءُ جي وفات تي تعزيتي خط لکيو، جيڪو اڃان تائين محفوظ آهي. هن چيو ته ڪتاب لکڻ وقت گهڻي محنت ڪرڻي پئي، نذهت عباس لنڊن مان اسڪائيپ تي ويهي ڄام ساقي کان ڪتاب لکڻ لاءِ مدد ورتي. هن چيو ته ڄام ساقي لاءِ فيض احمد فيض ڏاڍو فڪر مند رهندو هو، فيض احمد فيض جو گهراڻو افغانستان ۾ رهندو هو ۽ خوشحال گهراڻو هو، هن کي جڏهن اسڪول داخل ڪرڻ جو وقت آيو ته فيض احمد فيض کي سندس ڀينرن بخمل جي ڪپڙن ۾ اسڪول موڪليو، جڏهن فيض احمد فيض اسڪول پهتو ته ٻيا ٻارڙا ميرن ڪپڙن ۾ ويٺل هئا، جيڪي فيض کي ڏسي چيائون ته هي ڪارٽون ڪٿان آيو آهي. اهڙا جملا ٻڌي فيض احمد فيض پوري ڄمار سادگي اختيار ڪئي. فيض چوندو هو ته ماڻهو کي عام ماڻهن وانگر جيئڻ گهرجي. هن چيو ته ڄام ساقيءَ جي لکيل هن ڪتاب ۾ کانئنس ڪيتريون ئي شيون رهجي ويون آهن، پر ٻئين ايڊيشن ۾ هو سهيل سانگيءَ جي مدد وٺي اُنهن کي پورو ڪندو. ڪتاب جي ليکڪه نزهت عباس چيو ته هن ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کان گهڻو ئي ڪجهه سکيو آهي، جڏهن ته جنهن حال ۾ ڪامريڊ پنهنجي زندگي گذاري آهي اُن مان تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. هن چيو ته هن ڪتاب جي پڙهندڙن کي پڙهڻ وقت ائين ئي لڳندو ته ڄڻ هي ڪتاب انهن جو ئي آهي. هن چيو ته ڄام ساقي تي لکڻ کاٻي ڌر جي سياست کي قلمبند ڪرڻ آهي. هن چيو ته هوءَ جڏهن حيدرآباد ۾ 2012ع دوران ڪامريڊ ڄام ساقي سان ملي ته سندس شخصيت سان تمام گهڻي متاثر ٿي ۽ کيس سندس ڪيل جدوجهد تي ڪتاب لکڻ تي زور ڀريو، جنهن تي ڪامريڊ ڄام چيو ته هڪ ادارو سندس حوالي سان هڪ ڪتاب لکڻ چاهي ٿو، جن کيس اسلام آباد گهرايو آهي. هن چيو ته هوءَ اُن ڪتاب جو تمام بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهي هئي، پر ڪامريڊ ڄام ساقي جڏهن بيمار ٿيو ۽ جناح اسپتال ۾ سندس علاج هلندڙ هيو ته سندس فون تي ڄام ساقيءَ جي فرزند سان رابطو ٿيو، جنهن ڄام ساقيءَ جي طبعيت ناساز هئڻ وارو اطلاع ڏنو ۽ چيو ته جيڪو ادارو ڪامريڊ ڄام ساقيءَ تي ڪتاب لکي رهيو هو، ڪجهه معاملن جي ڪري نٿو لکي سگهي.

هن چيو ته پوءِ هن پاڻ سان واعدو ڪيو ته هوءَ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ تي ڪتاب لکندي، جيڪو پورو ڪري اڄ پڌرو ڪيو آهي. هن چيو ته ڄام ساقيءَ بابت لکيل هي ڪتاب نوجوان نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو. سينيئر صحافي سهيل سانگي چيو ته هو ماضيءَ ۾ جن تڪليفن ۽ اذيتن ۾ گذريا آهن، انهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته ڄام ساقيءَ بابت لکيل ڪتاب ۾ اڃان ڪجهه شيون رهجي ويون آهن، جن تي به غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڄام ساقي ٿر ۾ جنرل اليڪشن ۾ ٻه ڀيرا حصو ورتو ته کيس گهڻو ڀوڳڻو پيو، جڏهن ته پروچائنا ۽ پروماسڪو اِهي وڏا واقعا آهن، جن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن ڪتاب جو بيانيءَ ۽ ڪهاڻيءَ وارو انداز تمام بهترين آهي ۽ هي تحقيقي ڪتاب لکڻ تي احمد سليم ۽ نزهت عباسءَ کي مبارڪ هجي. ڪامريڊ امداد چانڊيي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جنهن ماڻهن جي لاءِ جدوجهد ڪئي، اُنهن جي سچائيءَ تي اڄ به کين يقين آهي ۽ هو اُن جدوجهد دوران مرڻ مٽڻ لاءِ به تيار هئا. هن چيو ته اُهي نظريا ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا، جن ۾ سچائي هجي ۽ اُهي مرڻ مٽڻ لاءِ تيار هجن. هن چيو ته سنڌ جي ڪيترين ئي عظيم شخصيتن پنهنجن خيالن جي قيمت چڪائي آهي. هن چيو ته 70ع واري ڏهاڪي ۾ حبيب جالب ۽ احمد سليم مظلومن لاءِ پنجاب ۾ آواز اُٿاريو، احمد سليم ڄائو ضرور پنجاب ۾ آهي، پر هو پنهنجي وجود ۾ سنڌي آهي ۽ سنڌ سان تمام گهڻي محبت ڪري ٿو، جنهن ڄام ساقيءَ تي ڪتاب لکي سنڌ تي ٿورو ڪيو آهي. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ نامياري ليکڪ تاج مري چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي سڄي زندگي جدوجهد ۽ سچائيءَ سان گذاري آهي، جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندو. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ماڻهن کي محبت ڏئي پنهنجو ڪرڻ جو ڏانءُ رکندو آهي ۽ هن سدائين ماڻهن کي ڀرپور پيار ڏنو آهي. هن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي روپوشي واري دور ۾ به ڳوٺ ڳوٺ ۽ جهر جهنگ ۾ وڃي سنڌ جي ماڻهن کي منظم ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ بنا ڪنهن فرق جي ماڻهن سان ڳانڍاپو رکيو. هن چيو ته جڏهن 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ٽوڙفوڙ جو شڪار ٿي ته اُن جو تمام گهڻو نقصان کاٻي ڌر جي سياست کي پيو، جيڪڏهن اُن وقت اعزاز نذير ۽ ڄام ساقي پنهنجو ڪردار ادا ڪن ها ته شايد ائين نه ٿئي ها.  ان موقعي تي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي نياڻي ڊاڪٽر بختاور ڄام ۽ فرزند سارنگ، ڀاءُ سلطان جهنجهي، عرفانه ملاح، امر سنڌو، پروفيسر سرفراز خان، ڪامريڊ اسد عابد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ڪتاب جي ليکڪن احمد سليم ۽ نزهت عباس کي اجرڪن جا تحفا ۽ بُڪ ليٽ پڻ ڏنا ويا.17

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے