17 آچر , ڊسمبر 2017

پراڪسي جا الزام رد، پاڪستان پاڻ رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي:آرمي چيف

Untitled-3 copyراولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان تي پراڪسي وارا جا الزام رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خود رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي. آءِ ايس پي آر جي جاري پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار ميڪ ماسٽر جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي جتي هن کي دهشتگردي خلاف جنگ ۽ خطي جي مضبوطي جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن تي بريفنگ ڏني وئي، هن کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ٿي ڪارروائي ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان پاڻ اسٽيٽ اسپانسر دهشتگردي جو شڪار آهي، اسان ڪنهن جي لاءِ جنگ وڙهڻ واري الزام کي سختي سان رد ڪيون ٿا ۽ پاڪستان پنهنجي سر زمين ڪنهن جي خلاف  استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.بيان موجب آمريڪي صلاحڪار پاڪستان جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثابت ٿيو ته نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ اقامو هڪ بهانو هو: مريم نواز

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے