21 سومر , آگسٽ 2017

قانون ٽوڙيندڙ دبئي ۾ هارون به ناهن وڄائيندا، پوليس کي ٽڪي جو سمجھيو پيو وڃي:هاءِ ڪورٽ

Sindh High Courtڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  اهم شاهراهن تي پابندي وقت ڳري ٽريفڪ جي رواني واري ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.عدالت ۾ ڳري ٽريفڪ جي رواني واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شهر ۾ پابندي باوجود ڳري ٽريفڪ جي آمد رفت جاري آهي.هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم باوجود پوليس اهلڪار رشوت وٺي شهر ۾ ڳري ٽريفڪ کي اچڻ پيا ڏين.چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن عوام قانون جو احترام نه ڪيو ته پوءِ آخر ڪير ڪندو، چيف جسٽس چيو ته  وڏا ماڻهو هتي قانون ٽوڙين ٿا ۽ جڏهن هو دبئي وڃن ٿا ته اتي هارون به ناهن وڄائيندا. چيف جسٽس چيو ته الميو اهو آهي ته پوليس وارن کي ٽڪي جو ماڻهو سمجهيو ويندو آهي.چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته پوليس وردي جو خيال ڪيو وڃي پوليس جو مطلب رياست جي طاقت هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنهن اداري جو ڪنهن ٻئي سان ٽڪراءُ ناهي: وزيراعظم

 ڪوئيٽا (م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن به اداري جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي