28 اربع , جون 2017

ايس ايڇ او جهانگڙو تشدد بعد قتل، لاش پوليس چوڪي مان هٿ

Untitled-2 copyروهڙي(ن ع آ) جهانگڙو ٿاڻي جي  ايس ايڇ او غلام مرتضيٰ  مهر کي تشدد بعد قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جو سندس ئي حد جي  جهانگڙو غلام بند چوڪي

 تان تشدد ٿيل لاش مليو، لاش  وارثن ۽ پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب ايس ايڇ او جي نازڪ عضون تي تشدد جا نشان موجود آهن، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي  ايس ايڇ او رات جو  ڊيوٽي ڪري سُتو ته صبح جو لاش مليو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جي هدايت تي آرمي هيلي ڪاپٽر ۽ سي 130 جهاز فراهم

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ سانحي تي افسوس جو اظهارڪندي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي