21 سومر , آگسٽ 2017

لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرن جو اعلان، حڪومت بجلي بحران حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي: بلاول

Bilawal Bhuttoڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداريءَ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۽ مظاهرن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد پ پ 22 اپريل کان احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري دعويٰ ۽ واعدا ڪوڙا ۽ دوکو نڪتا. حڪومت بجلي بحران حل ڪرڻ ۾ نڪام ٿي وئي آهي. ٻئي طرف  پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته ن ليگ حڪومت دورن ۾ 1701 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي، پيپلز پارٽي جي مرڪزي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري چوڌري منظور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دورن ۾ 4 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪئي، هن چيو ته پيپلز پارٽي 22 اپريل کان لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج شروع ڪري رهي آهي، سندس چوڻ هو ته پهرين احتجاجي ڪيمپ مظفر آباد آزاد ڪشمير ۾ لڳائي ويندي، چوڌري منظور جو چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ڪيمپن جي منظوري ڏني آهي.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنهن اداري جو ڪنهن ٻئي سان ٽڪراءُ ناهي: وزيراعظم

 ڪوئيٽا (م ڊ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪنهن به اداري جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي