25 اڱارو , اپريل 2017

زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي پروفيسر جو پٽ گم، ڪيس داخل، آزاد ڪرائڻ جو مطالبو

Untitled-1 copyحيدرآباد(رپورٽر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي پروفيسر جو ڊاڪٽر پٽ پڻ حيدرآباد مان پر اسرار طور گم ٿي ويو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي پروفيسر عبدالله آريجو حسين آباد ٿاڻي تي پهچي پنهنجي پٽ ڊاڪٽر شايان آريجو جي پراسرار طور لاپتا ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ڪالهه صبح جو ساڍين 10 هين وڳي سندس پٽ ڊاڪٽر شايان پنهنجي عزيز ۽ فوڊ کاتي جي آفيسر خادم حسين آريجو کي سندس آفيس شهباز بلڊنگ ڇڏڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه ٿيو آهي، جنهن جي گهڻي ڳولا بعد به ڪو پتو نه پيو آهي. پروفيسر عبدالله آريجو ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس يا سندس پٽ جو ڪنهن به تنظيم سان ڪو به واسطو ناهي ۽ نه وري ڪنهن سان ڪا دشمني آهي، منهنجو پٽ منهنجي سئوٽ خادم حسين آريجو کي سندس آفيس ڇڏڻ ويو ته واپس نه ٿيو، جڏهن ته خادم حسين آريجو پڻ لاپتا آهي، اسان فوڊ کاتي جي آفيس مان معلومات ورتي، پر اتان به سندن ڪا خبر نه پئي آهي. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ جي ڳولا ڪري کيس بازياب ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او حسين آباد جو چوڻ آهي ته پروفيسر عبدالله جو پٽ سندن حد نه پر جي او آر ٿاڻي جي حد مان پنهنجي عزيز سميت گم ٿي ويو آهي، پر جيئن ته پروفيسر حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ رهي ٿو، ان ڪري سندس پٽ ڊاڪٽر شايان جي گمشدگيءَ جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي ۽ ڳولا پڻ ڪري رهيا آهيون.17

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khuwaja Asif

خبر آهي ته پ پ ۽ چوڌرين ۾ ڪيترو وزن آهي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي