28 اربع , جون 2017

سنڌ ۾ رينجرز جا اختيار 21 اپريل تائين ملتوي، ڪابينا اجلاس ۾ قطعي فيصلي جو امڪان

rangers in karachiڪراچي/لاهور (م ڊ) سنڌ حڪومت رينجرز اختيارن جو معاملو ڪابينا ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو 21 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جتي پنجاب ۾ رينجرز کي مليل اختيارن جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو، رپورٽ مطابق اهو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ قانون واري سيڪريٽري سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي ۽ وڏي وزير کي هن آئيني ۽ قانوني معاملي تي بريفنگ به ڏني وئي. ذريعن مطابق سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه رينجرز اختيارن جي معاملي کي پنهنجي ڪابينا ۾ بحث هيٺ آڻڻ چاهي ٿو ۽ گڏيل طور تي ڪو گڏيل لائحه عمل طئي ڪرڻ چاهي ٿو. قانون واري صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار رينجرز اختيارن جي معاملي تي سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ کڻي وڃڻ جي تصديق ڪندي چيو ته آئين تحت رينجرز اختيارن تي سنڌ حڪومت مشورو ڪري سگهي ٿي، جنهن مان سنڌ ڪابينا ئي مراد آهي، ان لاءِ ڪابينا ان معاملي تي جيڪو فيصلو ڏيندي ان تي عمل ڪيو ويندو. خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ رينجرز اختيار پنجاب وانگر ئي ڏنا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ جيڪو پنجاب حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، ان مان فائدو ورتو ويندو ۽ رينجرز کي جيڪي اختيار پنجاب ۾ مليل آهن، سنڌ ۾ به اهي ئي ڏنا ويندا. ذريعن موجب سانگهڙ ۾ ننڍي چونڊ سبب ڪابينا اجلاس 21 اپريل تي گهرايو ويندو ۽ رينجرز اختيارن تي حتمي فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ ۾ دير وارا حربا استعمال ڪري رهي آهي پر اسان بنا اختيارن جي رينجر زکي ڪراچي جي روڊن تي بيهاري نٿا سگهون. اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات ڪئي. پنجاب ۾ رينجرز کي وڌيڪ 60 ڏينهن جي لاءِ اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صوبي ۾ رينجرز جي اختيارن جو مدو 22 اپريل تي ختم ٿي رهيو آهي. قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب حڪومت صوبي ۾ رينجرز کي وڌيڪ 60 ڏينهن جي لاءِ اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ وڌيڪ واڌ جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو، پنجاب ۾ رينجرز کي اي ٽي ايس جي قلم 5 تحت اختيار ڏنا ويا هئا.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جي هدايت تي آرمي هيلي ڪاپٽر ۽ سي 130 جهاز فراهم

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف احمد پور شرقيه ۾ ٿيندڙ سانحي تي افسوس جو اظهارڪندي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي