21 سومر , آگسٽ 2017

انتهاپسندي ۽ سنڌ

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ تاريخي طور صوفين جي سرزمين رهي آهي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي جوهر ۾ صوفي، جمهوريت پسند، سيڪيولر، ترقي پسند ۽ روشن خيال آهن پر اها به حقيقت آهي ته سنڌ به دنيا جو، هن خطي جو ۽ هِن ملڪ جو حصو آهي، تنهن ڪري دنيا ۾، خطي ۾ ۽ هن ملڪ ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري رهيو آهي، جيڪي تبديليون رونما ٿيون آهن، جيڪي فڪر ۽ فلسفا جنميا آهن، تن جو سنڌ تي اثر پوَڻ به فطري عمل آهي. سنڌ به دنيا سان ڳنڍيل آهي، دنيا کان ڪٽيل نه آهي.

سنڌ دنيا کي زور ڏئي چوندي رهي آهي ته دنيا انتهاپسندي ۽ دهشت گرديءَ جي جنهن لعنت کي منهن ڏئي رهي آهي، تنهن جو ٽوڙ سنڌ جي ”عالم سڀ آباد ڪرين“ واري فلسفي ۾ آهي، انسان جي پاسي بيهڻ واري فلسفي ۾ آهي. اسين دنيا کي پنهنجي فڪر ۽ فلسفي تي جيڪو آڻي سگهياسين يا نه پر انتهاپسنديءَ واري سوچَ سنڌ ۾ پير کوڙيندي نظر ضرور اچي رهي آهي.

ايئن چوڻ به غلط نه ٿيندو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ئي مذهبي ڪٽرپڻي جا هن خطي ۾ بنياد پئجي چُڪا هئا. ڀڳت ڪنور رام جو قتل، مسجد منزل گاهه وارو واقعو، مذهب جي بنياد تي مسلمانن جي هيڏانهن۽ هندن جي هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ويتري ان سوچ کي پختو ڪيو، اسين اڄ تائين سڀ ان خوشفهميءَ ۾ هياسين ته سنڌ جي رت ۽ خمير مان ٺهيل انسان خودڪش نه ٿا ٿي سگهن، معصوم زندگين جا قاتل ٿي نه ٿا سگهن پر اهڙي خوشفهميءَ ۾ جڏهن اعليٰ تعليم پرائيندڙ نورين لغاريءَ وارو واقعو پيش آيو ته سڄي سنڌ جا ٺپ ئي ٺري ويا.

نورين جڏهن پنهنجي اعترافي بيان ۾ مڃي ٿي ته ”مونکي گرجا گهر تي خودڪش حملي لاءِ تيار ڪيو ويو هو ۽ لاهور پنهنجي مرضيءَ سان آيس“ تڏهن سنڌي سماج جي مستقبل بابت انتهائي سنجيده سوال جنم وٺن ٿا.

سنڌ مزاحمتي سياسي شعور جي علامت رهي آهي پر 5 جولاءِ 1977ع تي هڪ چونڊيل جمهوري سرڪار تي راتاهي ۽ 4 اپريل 1979ع تي خطي ۾ دنيا جي مقبول سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀُٽي کي هڪ هڪ آمر طرفان ڦاهيءَ چاڙهڻ بعد هن خطي، ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال ئي مڪمل طور تبديل ٿي وئي. سنڌ ۾ لبرل، روشن خيال، اعتدال پسند ۽ مذهبي هم آهنگيءَ کي هٿي ڏياريندڙ ڌرين جي رستا روڪ ۽ مهذب سوچ وارين روشن خيال ڌرين آڏو رنڊڪون وڌيون ويون ۽ مذهبي سياسي جماعتن لاءِ هر حوالي سان ميدان خالي ڇڏڻ جا جيڪي نتيجا نڪتا سي اڄ سڀني جي سامهون آهن.

انتهاپسنديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع رٿابندي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي روڪيندڙ سوچَ ۽ پاليسي رياستي سطح تي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. نه رڳو اِهو پر اعليٰ تعليم جي ادارن جي سطح تي اها تحقيق به ٿيڻ گهرجي ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ مذهبي ڪٽرپڻي واري سوچ ڪيئن رستو ڳوليو آهي؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن. افغان جنگ کانپوءِ دهشت گرديءَ جي جيڪا لهر اٿي هئي، يقيني طور ان کان هن ملڪ جي ڪابه ڪنڊ محفوظ ناهي، تنهن ڪري سنڌ به محفوظ ناهي. چوندا آهن ته ”اٺ تڏهن ٿي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا“ سو جڏهن ساڄي ڌر لاءِ ميدان مُهيا ڪري ان کي ميدان ۾ لاٿو ٿي ويو، ملڪ جي ترقي پسند ڌرين ان وقت به چيو هو ته اها پاليسي اڳتي هلي پنهنجي ئي ڳچيءَ ۾ پوندي ۽ اهو سڀ ڪجهه اڄ اسين پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون.

سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي صوفين جو هم آهنگي، ڀائيچاري، ايڪي ۽ انسانيت وارو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. موسيقي، راڳ، ويراڳ، شاهه جو رسالو، سچل ۽ ساميءَ جو پيغام عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ روڊ شوز ذريعي ٿيٽرن ذريعي پنهنجن ماڻهن سان گهٽي، ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مخاطب ٿيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ کي صوفي ازم جي پرچار ذريعي ئي وڌندڙ مذهبي ڪٽرپڻي کان بچائي سگهجي ٿو. نه رڳو ايترو پر سنڌ ۾ به ايئن ئي روشن خيال، اعتدال پسند ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌرين لاءِ ماحول مهيا ڪرڻ جي ضوررت آهي، جيئن مخصوص مڪتبئه فڪر سان تعلق رکندڙ ساڄي ڌر جون جماعتون سڄي سنڌ ۾ ڪنڊ ڪنڊ وڃي پهتيون آهن ۽ انهن کان ڪير پڇڻ وارو ڪونهي. سو سنڌ کي انتهاپسندي ۽ دهشت گرديءَ جي وبا مان ٻيو ڪير به نه پر سنڌ جا ماڻهو پاڻ ئي بچائي سگهن ٿا.

اربع 19 اپريل 2017ع،  21 رجب المرجب 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام مٿان کربين رپين جي قرض پاليسي بدلائڻ جي گهرج

جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين اي ڊاڪٽر عارف علوي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي