25 اڱارو , اپريل 2017

ڇا نئين سنڌ اڏڻ جي ضرورت آهي؟

جي اين  مغل

آئون اڄ هي ڪالم هن اڙدو جي شعر سان شروع ڪري رهيو آهيان ته ”ميري دنيا لٽ رهي ٿي اور مين خاموش ٿا“ اچو ته اڄ پاڻ سڀ اهي سنڌي جيڪا دل جي گهراين سان سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ تصور ڪيون ٿا، ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي ان ڳالهه جو ادراڪ ڪيون ته ماضيءَ جي سنڌ ڇا هئي ۽ اڄ جي سنڌ جو حال ڇا آهي؟، ڇا اسان ماضيءَ واري سنڌ موٽائي سگهون ٿا؟، جيڪڏهن اسان جو جواب ها ۾ آهي ته پوءِ اهو سوال ٿيندو ته اها توقع ڪهڙي ڌر کان ڪجي؟ مون هي چند سٽون شروع ۾ ان ڪري لکيون آهن جو ڪجهه ڏينهن کان ماضيءَ جي سنڌ ۽ اڄوڪي سنڌ منهنجي اکين اڳيان تريو اچي؟، ان وقت اکين ۾ لڙڪ هوندا آهن ۽ دل مان سوالن جي بارش ٿيڻ لڳندي آهي، سنڌ جو اهو حال ڪنهن ڪيو اچو ته پاڻ سڀ سنڌي سنڌ ماءُ جي اڳيان ڪنڌ نمائي اها ڳالهه تسليم ڪريون ته سنڌ جو اهو حال ڪرڻ وارا اسين پاڻ آهيون.

هاڻ اچو ته ٿوري وقت لاءِ نقشو چٽيون ته ماضيءَ واري سنڌ ڪهڙي هئي؟ ڪالهه واري سنڌ ڇا هئي؟ انهيءَ سنڌ جون ته اڻ ڳڻيون وصفون هيون، ڪهڙي وصف جو ذڪر ڪري ڪهڙي وصف جو ذڪر ڪريون؟ جيڪڏهن پاڻ في الحال مختصر طور ئي ڪالهه واري سنڌ جو تشريح ڪنداسين ته پاڻ اها دعوي ڪرڻ ۾ حق بجانب هونداسون ته ان سنڌ ۾ ڇا نه هو؟ خالي جيڪڏهن زراعت جي ئي ڳالهه ڪيون ته ان ۾ حق بجانب هونداسين ته ڪالهوڪي سنڌ جي زراعت جو هن ننڍي کنڊ ته ڇا هن ايجنٽن ته ڇا پر شايد ان زراعت جو مٽ سڏي سگهجي. آئون ان وقت حيران ٿي ويس جڏهن ڪنهن دوست مونکي ٻڌايو ته هن پراڻي دور جي هڪ هندو محقق جي ڪتاب ۾ پڙهيو ته انگريزي لفظ“ انڊسٽري” جنهن جي معنيٰ صنعت آهي، سو در حقيقت انگريزي لفظ (Indus سنڌ) مان نڪتو آهي، هن دوست ان هندو محقق جي ڪنهن ڪتاب جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته جڏهن سنڌ تي ميرن جي حڪمراني هئي ۽ ان وقت سمنڊ ٺٽي سان اچي لڳو هو ته تڏهن هر پنجين ڇهين مهيني پورچوگيز قزاق هٿيارن سان ليس سامونڊي جهازن سان اچي ٺٽي وٽ لهندا هئا ۽ پوءِ ٺٽي کي ڦري لٽي واپس روانا ٿي ويندا هئا، ان کانسواءِ ڪجهه محققن مطابق ان وقت پنجاب ۾ سکن جو خطرو اڀري رهيو هو، جنهن  جو مک نشانو سنڌ هئي، انهن خطرن کان بچڻ لاءِ ان وقت جي سنڌ جي مير حڪمرانن انگريزن کي درخواست ڪئي ته هو سنڌ جي علائقي ڪراچي ۾ ڪوٺي کولين، انگريزن ائين ڪيو، ڪوٺي کولڻ کانپوءِ انگريزن جي ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن اچ وڃ وڌي وئي، چيو وڃي ٿو ته جڏهن انگريزن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي ڏسي ته هو حيران ٿي ويا ته سنڌ جي زراعت جو ته سڄي دنيا ۾ ڪو به مٽ ئي ناهي، ان ڪري انهن جي رپورٽن جي روشني ۾ انگريزن پنهنجا ٻيڙا سنڌ موڪلڻ شروع ڪيا، جيڪي ڪراچي، ٺٽي ۽ بدين وارن علائقن ۾ قائم مختلف سامونڊي بندرن وٽ اچي لنگر انداز ٿيندا هئا، ان کانپوءِ انگريز سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويندا هئا، جتان سنڌ ۾ پوکجندڙ مختلف زرعي جنسن وارو ڪچو مال خريد ڪري برطانيا کڻي ويندا هئا، ان جي نتيجي ۾ برطانيا ۾ سنڌ مان آندل زراعت جي ان آندل ڪچي مال مان ڪارخانا قائم ٿيڻ لڳا، بعد ۾ اهڙي قسم جا ڪارخانا يورپ جي ٻين علائقن ۾ قائم ٿيڻ لڳا، اهو ئي سبب آهي جو انهن ڪارخانن تي برطانيا ۽ يورپ جي ڪارخانن کي انڊسٽري جو نالو ڏنو ويو.

ڏٺو وڃي ته دنيا جو ڪهڙو زرعي اسم آهي جيڪو سنڌ ۾ نٿو اڀري؟ ڪڻڪ اسان وٽ پوکجي ٿي، ساريون(چانور) ڪپهه اسان وٽ پوکجي ٿي، ڪمند به اسان وٽ پوکجي ٿو، هر قسم جون ڀاڄيون ۽ ميوا به اسان وٽ پوکجن ٿا، مطلب هر قسم جي انسان ذات جون کاڌي جون گُهرجون پوريون ڪري سگهي ٿي، آئون ته حيران ٿي ويس جڏهن هڪ دوست مونکي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڦٽي هڪ قسم جي نه پر ٽن قسمن جي پوکبي هئي، هن وقت اسان وٽ فقط اها ڦٽي پوکجي ٿي، جيڪا سفيد رنگ جي آهي، جڏهن ته ان دوست مطابق اسان وٽ هلڪي نيري رنگ جي ڦٽي ۽ سنهري رنگ جي ڦٽي به پوکي ويندي هئي، بعد ۾ ڪن ڪتابن ۾ اهو به پڙهيوسين ته ٺٽي ۽ بدين جي سامونڊي ڪناري وارن شهرن ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا هوندا هئا، جن ۾ خاص طور تي سنهري رنگ جو ڪپڙو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن خاص طور تي مصر ۾ ڏاڍو مقبول هو. انهن اطلاعن مطابق اهڙو ڪپڙو خاص طور تي مصر جا ان وقت جا فرعون حڪمران هر سال وڏي پئماني تي اهو ڪپڙو خريد ڪري ٻيڙن ۽ سامونڊي جهازن ذريعي مصر آندو ويندو هو ۽ خاص طور تي فرعون خاندان مان مري ويندڙ ممين کي اهو ڪپڙو اوڍائي هنن کي مورتين جي شڪل ڏني ويندي هئي، هڪ دوست مونکي ٻڌايو ته تازو هو جڏهن پنجاب جي سرائيڪي ڳالهائيندڙن جي علائقي جا ڪجهه هاري هنن وٽ سنهري ۽ هلڪي نيري رنگ جون ڦٽيون کڻي آيا ۽ چيائون ته هي ڦٽيون درحقيقت سنڌ ۾ پوکبيون هيون، پر هاڻ سنڌ ۾ اهي ڦٽيون ڪون ٿيون پوکجن، پر اهي ڦٽيون ڪنهن حد تائين سرائيڪي بيلٽ ۾ ٿوريون گهڻيون پوکجن ٿيون، فقط اهو ٻڌڻ کانپوءِ آئون شرمائجي ويس ۽ منهنجي دل مونکان سوال ڪري رهي هئي ته سنڌ مان اسان سنڌين جو اجهو اهو رهايو آهي؟ جيڪڏهن اهي رپورٽون درست آهن ته پوءِ ڇا اسان کي جڳائي ٿو ته اسان خود کي سنڌي سڏايون؟ سنڌ سان اهو حشر نه شايد سنڌ تي صدين کان ڪاهون ڪندڙ آرين ۽ سامراجي ڌارين به نه ڪيو هوندو؟

سنڌ جي زراعت ڇا آهي، مون ان جو اڃا عشر عشير به بيان نه ڪيو آهي، وقت آيو ته تفصيل سان سنڌ جي زراعت جو ذڪر ڪنداسين، پر سنڌ ۾ ڇا نه آهي، سنڌ ۾ درياهه آهي، سنڌ ۾ سمنڊ آهي، سنڌ ۾ ڍنڍون ۽ ڍورا آهن، فقط پاڻيءَ جي حوالي سان ئي ڇو، ڇا سنڌ ۾ تيل ۽ گئس پيدا نٿو ٿئي؟، پر ڇا اسان سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ تيل ۽ گئس کي پنهنجو ڪري ۽ ان مان پنهنجن کي فائدو ڏيڻ جو ڪڏهن سوچيو به آهي، مونکي ياد آهي ته 90 واري ڏهاڪي ۾ تيل ۽ گئس ڪارپوريشن وارا ڪراچي مان اسان ڪجهه صحافين کي وٺي بدين ضلعي جي تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ علائقن ۾ آندو، مونکي ياد آهي ته اهڙي هڪ هنڌان نڪري گاڏين ۾ چڙهڻ لاءِ اچي رهيا هئاسين ته هڪ ڪراڙي سنڌي جنهن کي مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو ۽ گلي ۾ اجرڪ هئس، مونکي رستي ۾ روڪيو ۽ پهريون سوال ڪيو ته اوهان صحافي آهيو ۽ سنڌي آهيو، مون جڏهن هن کي ها ۾ جواب ڏنو ته سائين آئون هڪ ڳالهه سمجهڻ چاهيان ٿو ته اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته دبئي وغيره ۾ هر طرف ويراني هئي، پر جڏهن اتي تيل نڪتو ته هاڻ دبئي جو هر باشندو شيخ آهي، سوال آهي ته اسان جو بدين ضلعو هيتري عرصي کان تيل ۽ گئس جي پيداوار ڏئي ٿو، پر اسان مان ته ڪو به شيخ نه ٿي سگهيو آهي، اسين ته پاڻ ويتر وڌيڪ غريب ۽ مسڪين ٿيندا پيا وڃون، ائين ڇو آهي؟ سچ پڇو ته آئون ان پوڙهي شخص کي ڪو به جواب نه ڏئي سگهيس ۽ اکيون هيٺ ڪري هن وٽان لنگهي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺس، هن مرحلي تي جيڪڏهن اهو سوال ڪندو هلان ته ريڊ انڊين جن کي هن وقت آمريڪا ۾ گورن هڪ هنڌ ڪنڊ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، اهي اصل ۾ ڪير آهن؟، ڪاش اسان وٽ ريسرچ جا ادارا صحيح شڪل ۾ هجن ها ته اسان کي اهو سوال ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، پر مونکان ڪيئي ڀيرا ڪيترن ئي دوستن اهو سوال ڪيو، هڪ ڀيري هڪ دوست ٻڌايو ته هن به هندستان جي هڪ هنڌو دوست جو تحقيقي مقالو پڙهيو، جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته ريڊ انڊين سنڌي هئا، هتي آئون اها ڳالهه به رڪاڊ تي آڻيندو هلان ته 70ع واري ڏهاڪي ۾ منهنجو هڪ ڪالم هڪ سنڌي اخبار ۾ شايع ٿيو هو، جنهن جو عنوان هو ته ڇا سنڌي ريڊ انڊين ٿي ويندا؟، هتي آئون اها ڳالهه به مڃيندو هلان ته ان وقت به مونکي اها خبر نه هئي ته ريڊ انڊين سنڌي هئا، مون ته ان وقت سنڌين جي سياسي، اقتصادي ۽ تعليمي صورتحال جو جائزو وٺندي محسوس ڪيو هو ته جيڪڏهن سنڌين پنهنجو پاڻ کي نه سنڀاليو ته شايد سنڌ اندر هنن جو اهو حال ٿيندو، جيڪو آمريڪا ۾ ريڊ انڊين سان ٿيو، پر بعد ۾ منهنجي معلومات ۾ ٻه اهڙيون ڳالهيون آيون جن جي بنياد تي آئون ان رخ ۾ سوچڻ لڳس ته ريڊ انڊين به ڪنهن وقت سنڌي هئا ۽ اهڙن ڪرتوتن سبب هنن کي به سنڌ ڇڏڻي پئي، هو 7 سمنڊ پار ڪري وڃي آمريڪا نڪتا، انهن ٻن ڳالهين مان هڪ ڳالهه اها به آهي ته آئون يوسف لغاري ۽ مرحوم فقير محمد لاشاري صاحب اٽڪل 10 يا 12 سال اڳ آمريڪا جي سنڌي ايسوسيئيشن سانا جي دعوت تي آمريڪا وياسين، جتي اسين هڪ ڏينهن سانا جي ان وقت جي سڪريٽري ڊاڪٽر ڀٽي سان گڏ آمريڪا جي شهر شڪاگو جي هڪ وڏي عجائب گهر جو معائنو ڪرڻ وياسين، ان عجائب گهر جي هڪ گيلري ريڊ انڊين بابت هئي، يوسف لغاري ۽ فقير محمد لاشاري مونکان اڳيان هئا ۽ هنن جي پويان آئون هئس، اوچتو منهنجي نظر هڪ گيلري تي وڃي پئي، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته هڪ ريڊ انڊين عورت پنهنجي نئين ڄاول ٻار جي پٺ ٺپي رهي هئي، اهو ڏسي مونکان رڙ نڪري وئي ته لغاري ۽ فقير هي ڏسو هي مائي ڪيئن ٻار جو مٿو ويهاري رهي آهي، جيئن اسان جون سنڌي عورتون ڪنديون آهن، هڪ ٻي ڳالهه جو آئون ذڪر ڪندس ته سانا جي ان اجلاس ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته يورپ جي ڪجهه ملڪن جانGypsies  لاڏائو ماڻهو سنڌي آهن، بعد ۾ مونکي ڪنهن دوست اهو به ٻڌايو ته اسرائيل جي آبادي جو ڪافي حصو سنڌي ماڻهن تي ٻڌل آهي.

هتي اهو سوال اٿي ٿو ته ايئن ڇو آهي  ته هڪ طرف سنڌ جي زراعت ته ڇا معيشت ۽ سماج جو هر حصو سڄي دنيا ۾ بي مثل هجي ۽ ٻئي طرف اسان جي وطن سنڌ جا ڪجهه خاندان پنهنجي اباڻي وطن سنڌ کي ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ٻئي ڪنهن پاسي ڊوڙندا رهياسين؟ ان ۾ ڪيتري حقيقت آهي، ضرورت ان ڳالهه جي تحقيق ڪري اڳتي وڌو ته حقيقتون ڇا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ججن جي فيصلي ۾ اختلاف ڇو؟

شير محمد سولنگي                          ڪافي ڏينهن کان بند پيل پاناما ليڪس ڪيس بند پيل پانڊورا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي