28 اربع , جون 2017

رسالو ڳجهارت

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

غُلام محمد منگيءَ جي رسالو ڳُجهارت:

ڏيڻي:

عضوو، ڪاريگر جي ڪري، پڇج، پنھنجو، ذات جو، راند جن ڌري، ٻولي، ٻولي، ذات سان.

پاها:

عضوو = سر، ڪاريگر جي = سانداڻ، پنھنجو = گهر، ذات جو = لوهار، راند جا = ڌڪ، ٻولي = مانَ، ٻولي = گڏني، ذات = رڪ.

سڄي:                                       سر سانداڻ ڪري پُڇج گهر لوهار جو

ڌڪن هيٺ ڌري مانَ گڏني رڪ سان

(سـُـر يـمـن ڪـلـيـاڻ)

سمجهاڻي: لطيف سائينءَ جي تشبيھن ۽ ڀيٽ ڪرڻ جو ڪمال به انتھا درجي جو آهي. سندس شاعراڻيءَ ڏات تي اسان جون سوچون بيھي وڃن ٿيون. هــِــن بيت ۾ عاجزيءَ، اِنڪساريءَ ۽ قربانيءَ کي جنھن نــمــُــونــــي لطيف سرڪار سادي مثال ذريعي سمجهايو آهي اُن جو مثال ملڻ مـُـشــڪــل آهي. هــُـــو چئي ٿو ته عشق يا سچي منزل هڪ لوهار وانگر آهي جيڪو لوهه کي باهه ۾ ساڙي ڌڪ هڻي اعليٰ معيار جو رُڪ بڻائي ٿو ڇڏي. لوهار جنھن اوزار تي لوهه رکي، اُن کي ڌَڪ هڻي يا ڪــُــٽـــي ڪو ڪارائـتــو ۽ ســُــھــڻــو اوزار ٺاهيندو آهي اُن کي سانداڻ چوَن ٿا. عشق به لوهار وانگر آهي جيڪو عاشق کي ســَــٽـــي ڪــُــٽــــي، آزمائي، ڦــَــٽـــي، ڌَڪي، تڙپائي ۽ لــُــڇـــائــــي پوءِ وڃي محبوب سان ملائيندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪو به مرتبو، مانُ يا منزل به پاڻ ئي نه ملندي آهي. ان لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پوَنديون آهن. سو جڏهن به ڪــُــجــهــه حاصل رڻ چاهيو ته پاڻ کي قــُــربــانــيءَ لاءِ تيار رکو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ليڪس ۽ ادارن جي ٿيندڙ بدنامي

صاحب خان ڀٽي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي تي هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي