21 سومر , آگسٽ 2017

بدلجندڙ نظرياتي لباس

سهيل وڙائچ

رياست جي پاليسي، جنهن تيزيءَ سان تبديل ٿيڻ گهرجي ها سا ته نه ٿي پر سياسي اڳواڻن تبديل ٿيل حالتن آهر پنهنجا نظريا ۽ حڪمت عملي ٻئي تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. پيپلز پارٽي جيڪا هميشا اينٽي اسٽيبلشمينٽ جماعت رهي آهي، ماضيءَ ۾ هندستان سان دوستيءَ جي ڳالهه ڪندي رهي آهي، بلوچن ۽ ٻين ننڍين قومن جي حقن جي ڳالهه ڪندي رهي آهي. هاڻي نظرياتي لحاظ کان اها اسٽيبلشمينٽ نواز جماعت بڻجي چڪي آهي. آصف علي زرداري ۽ بلاول ٻئي هندستان خلاف سخت ترين زبان استعمال ڪن ٿا، ڪشميرين جي حقن لاءِ جماعت اسلاميءَ کان به وڌيڪ جذبن جو اظهار ڪن ٿا. اهڙي طرح بلوچ تحريڪ جي حوالي سان آصف علي زرداريءَ جيڪا تقرير ڪئي آهي سابه پيپلز پارٽيءَ جي نظرياتي رخ ۾ تبديليءَ جي نشاندهي ٿي ڪري. پيپلز پارتي پنهنجي نطرياتي رخ ۾ تبديلي اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءَ ۾ اچي ڪري رهي آهي، حالتن جي جبر جي ڪري ٻنهي صورتن ۾ اها واٽ ان جي ماضيءَ جي نظرين جي بلڪل ابتڙ آهي.

اهڙي طرح مسلم ليگ نواز اسٽيبلشمينٽ جي حامي ساڄي ڌر جي قومپرست جماعت هوندي هئي پر وقت سان گڏوگڏ ايئن لڳي رهيو آهي ته اها پنهنجو پاڻ کي ساڄي کان کاٻي مرڪز ڏانهن آڻي رهي آهي، وزيراعظم نواز شريف هوليءَ جي تقرير ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي سا اسلامي جمهوري اتحاد جي هڪ اڳوڻي اڳواڻ بدران لبرل کاٻي ڌر جي سيڪيولر اڳواڻ جي تقرير لڳي رهي هئي.هاڻي گذريل ڪيئي سالن کان اسٽيبلشمينٽ سان ڇڪتاڻ سبب نون ليگ ڪنهن به نموني پرو اسٽيبلشمينٽ پارٽي ناهي رهي، سچ ته هي آهي ته جهڙي طرح پ پ جو ووٽر اينٽي اسٽيبلشمينٽ هو پر قيادت پرو اسٽيبلشمينٽ ٿي وئي بلڪل اهڙي طرح نون ليگ جي ووٽرن جي اڪثريت ڪاروباري وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿي ۽ ايراني سماجي اصطلاح ۾ اها ”بازاري“ اصولي طور اسٽيبلشمينٽ جي حامي آهي، نون ليگ جي قيادت اسٽيبلشلمينٽ جي روين کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿي، جنهن جي ڪري نون ليگ جي ووٽر ۽ قيادت ۾ ڪافي وڇوٽي نظر اچي ٿي. نون ليگ مضبوط ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن ان جا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا گهڻا سٺا هجن، جهڙا 1990ع 2013ع ۾ هئا. اهڙين حالتن م انهن جو ووٽر سندن ڀرپور ساٿ ڏيندو آهي. نون ليگ اندر اها نظرياتي ويڙهه ان وقت چٽي نموني نطر اچي ٿي، جڏهن وفاقي وزير چوڌري نثار علي خان پنهنجي ساڄي ڌر جي ووٽر سان مخاطب ٿي ان کي ريجهائيندو رهي ٿو، جڏهن ته نواز شريف ساڄي ڌر جي حساسيت جو احساس هئڻ باوجود ساڄي ڌر جي دائري مان ٻاهر نڪري چوڪا ۽ ڇڪا هڻندو رهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو مذهبي مڪتبئه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهو ساڻس اهڙي نموني لاڳاپيل نظر نه ٿا اچن، جيئن ماضيءَ ۾ هوندا هئا. ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ کي بريلوي ۽ شيعا مڪتبئه فڪر کي راضي ڪرڻ لاءِ واضح قدم کڻڻا پوندا.

تحريڪ انصاف جو تجزيو ڪيو وڃي ته ان جي ووٽرن جي اڪثريت به نون ليگ وانگر وچولي طبقي ۽ ساڄي ڌر سان تعلق رکي ٿي، پر وچولي طبقي جي واپارين جي اڪثريت نون ليگ سان آهي، جڏهن ته وچولي طبقي جي ڪارپوريٽ حلقي جي اڪثريت تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل آهي. ڪنهن زماني ۾ عمران خان طالبان جو حامي ۽ نواز ليگ وانگر ڳالهين جو حامي سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي عمران خان مردان سانحي جي مذمت ڪئي، وزيراعظم نواز شريف کان به هڪ ڏينهن اڳ ڪري ڇڏي، تحريڪ انصاف جي ووٽ بينڪ ۾ پ پ جا به گهڻا اڳوڻا ووٽر شامل آهن، جيڪي نون ليگ ۽ نواز شريف جا مخالف آهن ۽ شايد ان جي ڪري ئي اهي تحريڪ انصاف کي ووٽ به ڏين ٿا. تحريڪ انصاف هڪ جماعت طور اسٽيبلشمينٽ جي حامي آهي. ڀارت، افغانستان ۽ آمريڪا بابت اها رياست جي پاليسيءَ سان مڪمل اتفاق ڪري ٿي.

تحريڪ انصاف هن وقت عوامي مقبوليت جي عروج تي آهي؟ تنهنڪري ان ۾ متضاد نظريا گڏجي وڃڻ ۽ نظرياتي ٽپا ڏيڻ باوجود ان کي ڪو وڏو زخم ناهي رسيو. تحريڪ انصاف هڪ ڳالهه تي متفق آهي ته نون ليگ ۽ ڪرپشن خلاف بيهڻو آهي. تحريڪ انصاف جو جائزو ورتو وڃي ته هي ڳالهه به سامهون اچي ٿي ته عمران خان پاڪستان جي اڀرندڙ وچولي طبقي جي خواهشن جي تحسيم آهي، جيتوڻيڪ عمران خان جا نظريا ۽ وچولي طبقي جي نظرين ۾ فرق به آهي پر وچولي طبقي جي خواهشن عمران خان کي مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي، تنهنڪري عمران خان جو ڪو نظريو، جي سندس ووٽر قبول نه به ڪن، تنهن باوجود سندس مقبوليت تي ڪو فرق نه ٿو پئي، تنهن هوندي به تحريڪ انصاف کي پنهنجي نظريي بابت ايندڙ اليڪشن کان اڳ چٽو ٿيڻو پوندو. پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ ان کي پنهنجي سياسي ٻولي کي مبهم رکڻ بدران ان کي پنهنجا اصل رنگ ڏيکارڻا پوندا.

جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ سنڌ به پنهنجا نظرياتي فلسفا ۽ تنظيمي جوڙجڪ ۾ تبديليون آنديون آهن ته جيئن تبديل ٿيندڙ حالتن ۽ چونڊن جي للڪارن کي بهتر نموني تحفظ ڏئي سگهجي. جماعت اسلامي هڪ وڏي تبديلي ڪندي سواءِ اسلامي جمعيت طلباءِ جي پنهنجي سموري ڪيڊر کي جماعت جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مولانا فضل الرحمان جي جماعت به ڪنهن کان پٺتي ناهي، ديوبند مڪتبئه فڪر جي هيءَ وڏي مقبول جماعت هاڻي سمورن مڪتبئه فڪر جي جماعت بڻجڻ ٿي گهري، ان ڪري ئي جمعيت علماءِ اسلام جي سئو سالا ڪانفرنس ۾ مسلمانن جي اجتماعيت جي ڳالهه ڪئي وئي. نج هڪ مڪتبئه فڪر واري هن جماعت ان ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي سميت هڪ نقطئه نظر جي ماڻهن کي گهرايو ۽ ايئن پنهنجو دائرو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سياست جي تبديل ٿيندڙ نظرين کي چونڊن جي مجبوري چئون، رياستي بيانيي جي تبديليءَ جو دٻاءُ چئون يا وري زماني سان گڏ هلڻ جي ڪوشش، ملڪ جون پنج ئي وڏيون سياسي جماعتون پنهنجو لباس تبديل ڪري رهيون آهن، اصل ڳالهه هي آهي ته اهو سڀ ڪجهه ايندڙ چونڊن لاءِ آهي يا وري ملڪ جي بهتريءَ لاءِ.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب به سپريم ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾!!

عزيز ناريجو سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو نيب کان ميگا ڪرپشن جي 150کان وڌيڪ ڪيسن جا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي