21 سومر , آگسٽ 2017

ٿَرَ مٿان لامارا ڏِيندڙ ڳِجهون

ادل  سولنگي

قدرتي وسيلن سان مالا مال ٿر مٿان هڪ ڀيرو وري ڳجهون لامارا ڏئي رهيون آهن، عذائي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ ويندڙ معصوم ٿري ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار، صحت جي سرڪاري ادارن ۽ اين جي اوز ڪو به تحرڪ ناهي ورتو، ٿر جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جون دعويدار ڌريون پنهنجن فرضن نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جون نه رڳو ذميوار آهن پر ٿر جي ٻارڙن جي مسلسل موت جي منهن ۾ ڌڪجڻ واري عمل جون به ذميوار آهن. گڏيل قومن جو ادارو ۽ انساني حقن جو عالمي تنظيمون ان ڏس ۾ ڪو به نوٽس ناهن وٺي سگهيون.

تازيون خبرون آهن ته ٿرپارڪر ضلعي جي حدن ۾ موت جو ننگو ناچ جاري آهي ۽ مائرن جون جهوليون خالي ڪري رهيو آهي، مٺي، چيلهار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل جنوريءَ کان وٺي اپريل تائين 152 معصوم ٻارڙا موت جو کاڄ ٿي چڪا آهن، خبر موجب، ڳوٺ جينجهير، ڳوٺ سانڌرو ۾ تازو 5 ٻارڙا موت جو شڪار ٿيا آهن.

ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر جو چوڻ آهي ته وقت کان اڳ پيدا ٿيل ٻارڙا، گهٽ وزن، نمونيه ۽ ساهه جي تڪليف سبب موت جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو آهي ته  پهرين جنوري 2017ع کان 15 اپريل 2017ع تائين ٿرپارڪر ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ 153988 مريضن جي چڪاس ڪئي وئي جنهن ۾ 31344 ٻار ۽ 122644 مرد ۽ عورت مريض شامل آهن.

انهن مان 2757 ٻار ۽ 6430 مرد ۽ عورت مريضن کي بهتر علاج لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته داخل مريضن مان 154 ٻار ۽ 326 مرد ۽ عورت مريضن کي بهتر علاج لاءِ مختلف اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو ويو.

ڪنهن به اسپتال مان ڪنهن به مريض کي ٻئي اسپتال ڏانهن ريفر ڪرڻ جو مطلب هوندو آهي پنهنجي جند ڇڏائڻ، ۽ مريضن کي وڌيڪ رلائڻ ۽ وارثن کي پريشان ڪرڻ هڪڙي طرف هيلٿ آفيسرن جون اهڙيون دعوائون آهن ته ٻئي طرف مريضن جي وارثن جون دانهون ۽ ڪوڪون آهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جو بهتر علاج نٿو ڪيو وڃي.

هي سڀ ڳالهيون سئو سيڪڙو ڀلي به درست نه هجن پر انهن جي هجڻ وارو سوال ته پنهنجي جاءِ تي ڪَر کنيو بيٺو آهي. ٿر ۾ مسلسل غذائي ۽ علاج جي کوٽ جو شڪار ٻارڙا بيمارين جي ور چڙهي رهيا آهن، پر سرڪار ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به ايمرجنسي ناهي لڳائي جنهن ذريعي ٿر واسين جو جلد ۽ جوڳو علاج ٿي سگهي، هڪڙي پاسي ٿر جا وسيلا هٿ ڪرڻ لاءِ مختلف هيلا ۽ بهانا ڪري مختلف رٿائون جوڙي مختلف ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا پيا وڃن، پر انهن رٿائن مان ملندڙ رائلٽي مان ٿر واسين جي علاج، صحت، تعليم، روزگار جو ڪو به بندوبست نٿو ڪيو وڃي، ۽ ٿر لاءِ ڪا به مسلسل پاليسي ناهي جوڙي وئي، جنهن ذريعي ٿر واسين کي رليف ملي سگهي. هڪ طرف ٿري عوام جا مسئلا آهن ۽ ٻئي طرف ٿر واسين جا وسيلا آهن، سرڪار ٿر واسين جا وسيلا ته خوب ڪتب آڻي رهي آهي، پر انهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ رڳو جڙتو اعلان. بيان ۽ ڪوڙا  دلاسا ڏئي ٿر واسين جي انساني، فطري ۽ شهري حقن جي پائمالي ڪئي پئي وڃي، سرڪار جي ذميواري آهي ته اها عوام جا سمورا بنيادي مسئلا  حل ڪري ڇاڪاڻ جو سرڪار  وٽ ئي وسيلا ۽ اختيار هجڻ سان گڏ ان جي ذميواري به آهي. جنهن کي هر حال ۾ نڀائڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سرڪار خاص ڪري پ پ سرڪار جنهن عوام جي ترقيءَ جون دعوائون گهڻيون ڪيون آهن ۽ گهڻا ئي وعدا ڪيا آهن ۽ پ پ گهڻائي ڀيرا عوام جي ووٽ تي حڪومت ۾ رهي آهي، پ پ جنهن جي شايد عوامي ترقي ۽ خوشحالي، هاڻي اوليت ناهي رهي جو رڳو خاني پريءَ لاءِ بيان بازيون ڪري جند ڇڏائي پئي وڃي. سنڌ سرڪار جي اعليٰ اختيار ڌڻين کي ٿر مٿان لامارا ڏيندڙ انهن ڳجهن کي به ڏسڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو جو ماس پٽڻ لاءِ ڇتيون ٿيون پيون اڏارون ڪن ۽ ٿر جي مائرن جي خالي ٿيندڙ جهولين ۽ نيڻن مان مان وهندڙ انهن لڙڪن کي به ڏسڻ گهرجي جيڪي مائرون پنهنجي بچڙن کي بي وسيءَ مان علاج نه هجڻ ۽ بهتر علاج نه ڪرائي سگهڻ واري مجبوريءَ مان ڳوڙها ڳاڙي رهيون آهن، اميد ڪجي ٿي ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٿر واسين جي ٻچڙن تي رحم کائي ٿر ۾ صحت بابت ايمرجنسي لاڳو ڪري متاثر ٻارڙن جو بهتر علاج ڪرائڻ جون ڪوششون ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب به سپريم ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾!!

عزيز ناريجو سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو نيب کان ميگا ڪرپشن جي 150کان وڌيڪ ڪيسن جا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي