28 اربع , جون 2017

سوشلزم ۽ سرمائيداري نظام کان اڳتي

ڊاڪٽر سڪندر مغل

حصو نائون ۽ آخري:

پر هاڻي تمام اڳتي وڌيل ملڪن ۾ ٽريڊ يونينن جي رڪنيت گهٽجي رهي آهي. ان جو سبب هي آهي ته مزدور هاڻي مٽجي سگهجندڙ (Interchangeable) نه رهيو آهي، جيئن هو ماضيءَ ۾ هو. مستقبل ۾ ڪنهن ڪارخاني جي پئدا وار بند ڪرڻ لاءِ هزارها مزدورن جي هڙتال جي ضرورت نه پوندي. ان لاءِ ڪارخاني کي هلائيندڙ ڪمپيوٽر پروگرام ۾ هڪ ‘ڪمپيوٽر وائرس’ داخل ڪري ڇڏڻ يا ان جي سانڍيل معلومات (Data base) ۾ بگاڙ پئدا ڪري ڇڏڻ يا ڪمپنيءَ جا راز، مخالف ڪمپنيءَ کي پهچائي ڇڏڻ ئي ڪافي ٿي سگهي ٿو ۽ ان ڪم لاءِ رڳو هڪ ذهين مزدور ئي ڪافي آهي، نه ڪه سموري ٽريڊ يونين.

مارڪس جي لفظن ۾ “انقلاب تڏهن ايندو آهي، جڏهن پئدا وار جا سماجي رشتا (پئدا وار جي مالڪي ۽ ڪنٽرول جي نوعيت)، پئدا وار جي وسيلن (ٽيڪنالاجي) جي وڌيڪ واڌاري کي روڪيندا آهن” جهڙي نموني ماضيءَ ۾ جاگيرداري سماجي رشتن، صنعتي ترقيءَ کي روڪيو ٿي، جنهن ڪري صنعتي/ سرمائيداري انقلاب آيو.

مارڪسزم مطابق پئدا وار جي وسيلن جي مالڪي ئي اقتدار جو سر چشمو هوندي آهي. سرمائيداراڻي سماج ۾ پئدا واري وسيلن جي مالڪي سرمائيدارن وٽ هوندي آهي، جيڪا مزدورن کي پنهنجن هٿن ۾ سوشلسٽ انقلاب ذريعي وٺڻي هوندي آهي. پر هاڻي بدليل صورتحال ۾ هڪ نئين قسم جو خودمختيار مزدور پئدا ٿي رهيو آهي، جيڪو پئدا واري وسيلن جو، غير محسوساڻي طريقي سان، مالڪ بڻجي رهيو آهي. اڄ نوان پئدا واري وسيلا هڪ ڪاريگر جي اوزارن جي پيتي (Tool box) يا ڪارخاني جي ڀاري مشينريءَ جي صورت ۾ موجود نه آهن پر اهي اڄ جي مزدور/ ملازم جي کوپڙيءَ اندر سرڙاٽ ڪري رهيا آهن.

ڪميونسٽ ڏاهن طرفان ذهني مزدورن (Mind Workers) کي ‘غير پئدا واري’ (Non-prooductive) ليکيو ٿي ويو پر هي ئي ذهني مزدور—ڄاڻ (Knowledge) ۽ خدمتن وارا مزدور (Service workers) آهن، جن مغربي ملڪن جي معيشت کي 1956ع کان پوءِ زبردست ترقي ڪرائي آهي، ڪمپيوٽر تي بيٺل صنعتي نظام دنيا آڏو هڪ نئون لقاءُ آهي. گورباچوف، روسي صدر 1989ع ۾ پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو، “اسان اهو احساس ڪرڻ وارا شايد آخري ماڻهو هئاسين ته سائنس جي زماني ۾ وڌ ۾ وڌ مهانگو اثاثو ڄاڻ (Information) آهي.”

ڪارخاني/ آفيس جي افسر شاهي خطري ۾

روايتي صنعتي سرشتي ۾ هي هڪ ڄڻ ته مڃيل قانون هوندو آهي ته ڪنهن به فرم/ ڪمپنيءَ/ ڪارخاني ۾ مٿي ويٺل آفيسر فيصلا ڪندا آهن ۽ هيٺ تري تي موجود ملازم/ مزدور انهن فيصلن تي عمل ڪندا آهن. اهڙي طرح ڪم ڪندڙ ماڻهن جو هڪ ڌڙو، ان ڪمپنيءَ/ ڪارخاني جو ‘دماغ’ ليکيو ويندو آهي ۽ ٻيو ڌڙو، ان جا ‘هٿ’.

پر زندگيءَ جي هر شعبي ۾ آيل تيزيءَ ڪري پئدا وار ۾ به زبردست تيزي اچڻ لڳي آهي. صنعتن ۾ ڪمپيوٽر ۽ خوڪار مشينري اچڻ سان وقت جو هر سيڪنڊ قميتي ٿيندو پيو وڃي ۽ فيصلي ۾ ٿورڙي به دير تمام مهانگي پئجي وڃي ٿي. ان ڪري ڄاڻ (Information) تمام تڪڙي هلڻ گهرجي ۽ تڪڙي پهچڻ گهرجي. نه رڳو ايترو پر ڪنهن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڄاڻ وڌيڪ به گهرجي. هي ٻئي شيون—وڌيڪ ڄاڻ ۽ تڪڙي ڄاڻ هيٺاهينءَ کان مٿاهينءَ تائين (اُڀي) افسر شاهيءَ/ طبقاتي درجه بنديءَ (Hierarchies) کي ختم ڪري رهيون آهن.

ننڍا رستا (Short Cuts) جيڪي مڃيل افسر شاهيءَ کي نظر انداز (By pass) ڪن ٿا، اڄ هزارين فئڪٽرين، آفيسن، ليبارٽرين ويندي فوج ۾ به وڌي رهيا آهن. ههڙين تبديلين سان شيون اُڀي حاڪيمت (Vertical Command) واري نظام کان پاسي واري حاڪميت واري نظام اختيار ڪرڻ ڏانهن اچي رهيون آهن. ان جي نيت تڪڙو رابطو قائم ڪرڻ آهي پر ان تبديليءَ سان بهرحال صدين کان قائم ‘مقدس ڳئون’ ليکي ويندڙ افسر شاهيءَ کي هڪ وڏو ڌڪ رسي رهيو آهي، ڇو ته اها تبديلي، ‘دماغ ۽ هٿ’ واري تمثيل ۾ هڪ وڏو شگاف پئدا ڪري رهي آهي.

اسان هاڻي ڏسون ٿا ته ‘هٿن’ به فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. جڏهن هڪ مزدور پنهنجي ‘فائرمين’ يا ‘سپروائيزر’ کي نظر انداز ڪري، مرمتي ٽيم کي سڌو گهرائي ٿو، هو اهڙي طرح هڪ فيصلو ڪري ٿو، جيڪو هونئن ماضيءَ ۾ بالا عملدارن لاءِ مخصوص ڪيل هوندو آهي.

هن ڳالهه ۾ واڌارو وري ماهرن (Specialists/ Experts) جي ميدان ۾ اچڻ سان ٿيو آهي. مئنيجرن کي هاڻي انهن ماهرن جي فيصلن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. اهڙي طرح مئنيجر هاڻي فيصلا ڪرڻ جي هڪ هٽي وڃائي رهيا آهن. هي ماهر روايتي حڪمرانيءَ جي زنجير ۾ فٽ نه ٿا ٿين، هو پاڻ ئي فيصلا ڪن ٿا ۽ اهي فيصلا هو مزودرن ۽ گرائونڊ ليول ٽيڪنيشنن سان سڌي صلاح مصلحت ڪرڻ سان ڪن ٿا.

ٻئي پاسي وري خوڪاري (Automation) افسر شاهيءَ کي ختم ڪري رهي آهي. مشينون، عام رواجي (Routine) ڪم تمام سٺي نموني ڪري رهيون آهن پر جتي عام رواجي نه، بلڪه خاص مسئلا سامهون اچي وڃن ٿا، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ تصور ۽ تخليقي صلاحيتن جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا افسر شاهيءَ وٽ ان جي مستقل ڍانچن ۽ وڏ ننڍائيءَ (Hierarchy) ڪري موجود نه هوندي آهي. ان ڪري اڄ تنظيمون (Organizations) پنهنجين افسر شاهي عادتن/ طريقن مان جند آجي ڪري رهيون آهن، جن هونئن کين جامد، تبديليءَ ڏانهن گهٽ حساس ۽ موٽ ڏيندڙ بڻائي ڇڏيو هوندو آهي. ان ڪري اڄڪلهه چيو وڃي ٿو ته “اسان هڪ ٽيڪنيڪل مساوي ماڻهن (Co-equals) جي ڪم ڪندڙ سماج ڏانهن وڌي رهيا آهيون، جنهن ۾ رهنما (Leader) ۽ رهنمائي ڪئي ويندڙ وچ ۾ فرق جي لڪير ڌنڌلي ٿي  چڪي آهي.”

افسر شاهيءَ جي هڪ ٻي خرابي ملازمن ۾ ڪمپنيءَ سان وفاداري پئدا ڪرڻ آهي. جيترو گهڻو عرصو ڪو ملازم ڪنهن تنظيم ۾ ڪم ڪندو آهي، اوتري گهڻي هن جي ان تنظيم سان وفاداري پئدا ٿي ويندي آهي. ان جا ٻيا سبب هي هوندا آهن: (1) تنظيم/ ڪمپنيءَ سان ناتو ٽوڙڻ معنيٰ بي روزگار ٿي وڃڻ (2) جيترو گهڻو عرصو تنظيم/ ڪمپنيءَ ۾ رهبو اوتري ڄڻ گهڻي موڙي ٺهندي.

حڪمران افسر شاهيءَ وٽ ڄڻ اهو هڪ چهبڪ هوندو آهي، جنهن سان هو هر ماڻهوءَ کي لائين ۾ بيهاريندا آهن. جيڪو ماڻهو تنظيم/ ڪمپنيءَ سان پنهنجي رشتي کي ديرپا ڏسندو آهي، اهو تنظيم اندر پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ڇو ته اهڙي تنظيم اندر انعام ۽ سزا مٿان کان هيٺ هن تائين پهچن ٿا. جنهن ڪري جيڪو وڏ ننڍائيءَ (Hierarchy) واري ڏاڪڻ جي مٿئين  ڏاڪي تي مٿي نهاريندو، غلامي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيل هوندو. ٻيو ته اهڙي تنظيم ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ کي شين جي بيهڪ (Scheme of things) ۾ پنهنجي جڳهه/ مقام کي سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي. هن جي پوزيشن مقرر ٿيل هوندي آهي، هن کي ڇا ڪرڻو هوندو آهي، اهو به تنظيم جي قاعدن قانونن مطابق طئي ٿيل هوندو آهي ۽ هن جي ڪم جي معيارکي به پرکيو ويندو آهي. ڪم دوران عام رواجي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هن طرفان عام رواجي جواب هٿ ڪرڻ کي همٿايو ويندو آهي پر سرڪشي/ بغاوت ۽ تخليق جي دلشڪني ڪئي ويندي آهي. پر هي سڀ شيون هاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي رهيون آهن. اڄ افسر شاهيءَ ۽ وڏ ننڍائيءَ واري سرشتي (Hierarchy) کي تنظيم جي ترقيءَ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ سمجهيو وڃي ٿو.

پئدا وار ۾ تيزي

سٺي ڪاروبار جي ڪاميابيءَ لاءِ هيءَ ڳالهه به ضروري آهي ته ان جون نيون شيون مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان پهچن. اها مقرر ٿيل افسر شاهيءَ جي حاڪميت کي کوکلو بڻائي ٿي ۽ اقتدار جي منتقليءَ کي جنم ڏئي ٿي. اسپين جي ڪمپني ‘زارا’ (Zara) کي ڪا به نئين پراڊڪٽ تشڪيل ڪرڻ ۽ تيار ڪرڻ ۾ رڳو ٻه هفتا کپن. هيءَ ڪمپني هر سال تقريبن ڏهه هزار نيون ڊزائينون مارڪيٽ ۾ آڻيندي آهي. اهڙي طرح هن ڪمپنيءَ لاءِ اسپيڊ جو فائدو، وڏي پئماني تي تيار ڪيل شين جي ڀاري روانگيءَ کان وڌيڪ اهميت وارو آهي.

مارڪيٽ، فطرت ۽ ڪمپيوٽر جو مُورس قانون گڏجي اڄ جو دور يعني ‘تيز رفتارين جو دور’ (Age of Accelerations) جوڙن ٿا. مُورس قانون وڌيڪ گلوبلائيزيشن پئدا ڪري رهيو آهي ۽ وڌيڪ گلوبلائزيشن، وڌيڪ ماحولياتي تبديليءَ کي جنم ڏئي رهي آهي ۽ وڌيڪ مُورس قانون، ماحولياتي تبديليءَ لاءِ وڌيڪ ممڪن حل پئدا ڪري رهيو آهي (پڙهو ڪتاب ‘ٿئنڪ يو فار بينگ ليٽ’ ٿامس فريڊمين)

جڳ مشهور رسالي ‘نيچر’ (Nature) 11 فيبروري 2015 تي هڪ مضمون ‘فِزڪس اِن فنانس: ٽريڊنگ ايٽ دي اسپيڊ آف لائيٽ’ ڇاپيو، جنهن جو تت هي هو:

“مالياتي ڌنڌوڙي، مالياتي ڏيتيون ليتيون اڃا وڌيڪ تڪڙيون ڪرڻ لاءِ هڪ ڊوڙ ۾ ورتل آهن. اڄوڪي دور جي هاءِ ٽيڪ (Hitech) مٽا سٽا ۾ ڪمپنيون هڪ گراهڪ لاءِ هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ سودا ڪري سگهن ٿيون. جيئن ٽيڪنالاجي ترقي ڪري ٿي، واپار ڪرڻ جي اسپيڊ رڳو بنيادي فِزڪس ۽ حتمي رڪاوٽ يعني روشنيءَ جي رفتار طرفان وڌ ۾ وڌ محدود ڪيل آهي.”

وڏيون ڪارپوريشنون خطري ۾

ماضيءَ ۾ آئل انڊسٽريءَ تي ستن ڪمپنين، جن ۾ ايگزان ۽ شيل سرفهرست آهن، غلبو رهيو آهي؛ اڪائونٽنگ شعبي ۾ پنجن ڪمپنين جو، ڪارن ٺاهڻ ۾ ٽن ڪمپنين جو، ٽيليويزن نيٽ ورڪن ۾ ٽن ڪمپنين جو ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٻن ڪمپيوٽر ڪمپنين جو غلبو رهيو آهي پر هيءَ صورتحال صريحن تبديل ٿي رهي آهي، هاڻي مٿين ڪمپنين جي انهن جي شعبن ۾ اجاره داري نه رهي آهي، سندن مارڪيٽ پاور گهٽجي رهيو آهي ڇو ته ڏينهون ڏينهن نيون ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ سندن مقابلي ۾ اچي رهيون آهي، ماضيءَ جي مشهور ڪمپنين جهڙوڪ ڪوڊڪ جو اڄ نالو نشان ئي نه رهيو آهي. اڄ ٽاپ تي رهندڙ ڪمپنين جي فهرست ۾ کوڙ سارا نوان نالا شامل هجن ٿا ۽ اهي به اهڙن ملڪن سان واسطو رکندڙ، جن جو عالمي سطح جي ڪاروبار ۾ اڳ نالو شامل نه ڏٺو ويو آهي جيئن ايسٽونيا جي اسڪائپ (Skype) هندستان جو ميٽل اسٽيل، اسپين جي زارا ڪمپني.

ٻي وڏي ڳالهه ته اڄڪلهه جيڪي ڪمپنيون ٽاپ تي پهچن ٿيون، اهي ان پوزيشن ۾ گهڻو وقت ٽڪاءُ نه ٿيون ڪري سگهن.

سوشلسٽ نظام عوام جي اڪثريت جي ڀلائيءَ وارو نظام هوندي به، ان جا سياسي ۽ معاشي سرشتا بند، آپيشاهاڻه ۽ ٻُوسٽ وارا هئا، جڏهن ته سرمائيداري نظام، عوام جي اڪثريت جي ڀلائيءَ وارو نظام نه هوندي به، ان جا سياسي ۽ معاشي سرشتا ڪنهن حد تائين کليل، آزاد ۽ جمهوري آهن. اهو ئي سبب آهي جو چين، سوشلسٽ ملڪ هوندي به، سرمائيدار اقتصادي نظام کي اپنايو آهي، جنهن کان پوءِ اڄ اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو اقتصادي سپر پاور بڻجي رهيو آهي. پر هنن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ آئيندي جي تصوير آهي، جنهن ۾ دولت استحصال، سيڙپڪاري، تجارت، صنعت، پورهئي، ڪم، ڪمپني/ ڪارپوريشن جي نوعيت ئي بدلجي وڃڻي آهي. نيون ٽيڪنالاجيون ميدان ۾ اچڻيون آهن، صنعتن ۾ خودڪاريءَ جو رواج اچڻو آهي، غربت جو خاتمو ٿيڻو آهي. خود انسان جي پنهنجي ارتقا ۾ وڏيون تبديليون رونما ٿيڻ واريون آهن. سڄي انسانذات ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پاڻ ۾ ڳنڍجي رهي آهي. ان ڪري مستقبل جا مسئلا نئون رخ اختيار ڪندا، جن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي نئين سوچ پئدا ڪرڻي پوندي.

آئيندي جي دنيا نه سوشلزم واري هوندي نه سرمائيداريءَ واري، بلڪه ٻنهي کان بنهه مختلف هوندي، جنهن جي سياسي ۽ معاشي شڪل بابت هن وقت اسان ڪجهه نه ٿا چئي سگهون. ايترو ضرور يقين آهي ته اها ٻنهي نظامن کان ضرور بهتر هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ليڪس ۽ ادارن جي ٿيندڙ بدنامي

صاحب خان ڀٽي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي تي هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي