21 سومر , آگسٽ 2017

چين هي ڇا گُهري رهيو آ؟

شبير سوڍڙو

ملڪن جون هڪ ٻئي کان عجيب گهرون ۽ گهرجون هونديون آهن يا ڪي شيون گهريون وينديون آهن، جيئن اسان روزگار ٿا گهرون، صحت ۽ صفائي ٿا گهرون، انصاف ٿا گهرون، امن امان ۽ ادارا مضبوط کان مضبوط ٿا گهرون، ايئن الائي ڪيتريون ئي عوامي گهرون به آهن، تنهن هوندي اسان کي ڪنهن جي گهر جي موٽ ۾ ان  گهر پوري ڪرڻ کي فرض سمجهي ملي يا نه پر گهرون پنهنجي جاءِ تي صحيح هونديون آهن، کڻي اهي گهرون ڪري ڪري ڏنيون به نه وينديون هجن، اهي حڪمرانن کان گهريون ويون هجن يا ٻئي ڪنهن طرفان راضپو ۽  انڪار اسان جي ملڪ يا ٻئي ملڪ جون گهرجون پوريون ڪجن يا نه ڪجن پر گُهر گُهر هوندي کڻي اها ڪهڙي به هجي، گهرن، ٿرن، ۽ برن جون به گهرجون هونديون آهن جيڪي پوريون ۽ اڻ پوريون هونديون آهن يا نه پر گهرجن جي گهر هرڪو رڙي رڙي به ڪندو وتندو آهي.

بهرحال گهرجن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن، عوام به عجيب ته گهرجون به عجيب، اسان وٽ روزگار نه ٿو ملي ، انصاف ملي نه ٿو، وڏا ماڻهو پنهنجن گهرجن مان جان ڇڏايو وڃن، انهن لاءِ صرف فيصلا محفوظي تائين محدود آهن، کربين رپين جا ڪرپشن جا گهرجائو رات پيٽ ۾ ٻاهر به هليا وڃن، ڪرپشن جي گهرج هوندي آهي، جيڪا ان جي پوري به ٿي وڃي ٿي ۽ جان به ڇڏائي ٿو وڃي، اسان کي روزگار وري اڳئين جي گهرج پوري نه ٿيڻ ڪري نه ٿو ملي، اها گهرج بيروزگار سنڌ جا نوجوان ئي سمجهي ويا هوندا ته اها ڪهڙي گهرج آهي جيڪا جنهن جي پوري نه ٿا ڪريون ته روزگار نه ٿو ملي؟! ادارا ڀلي ڪهڙا به هجن پر انهن ۾ ڪم ڪندڙن جون گهرجون الڳ الڳ آهن. صرف سنڌ ئي نه پر سڄي پاڪستان جي عوام کي گهرجون گهرجن، جيڪي 70 سالن کان گهرندا پيا اچون.

ايئن ٿو لڳي ڄڻ هتان جو عوام هنن حڪمرانن لاءِ بدروح بڻجي ويو هجي، هرڪو هلڪا ڦلڪا جلسا ڪري انهن ۾ مهانگيون تقريرون  ته ڪندو آهي پر عوام جون گهرجون ۽ انهن جون رڙيون ٻڌيون نه وينديون آهن، اها حالت صرف حڪمرانن ئي نه پر هر اداري ۾ ڪم ڪندڙ بيوروڪريسيءَ جون عوام سان آهي پر ٿيندو ڪجهه به نه آهي، ڪابه گهر پوري نه  ٿيندي آهي پر تقريري گهرون تقريرن تائين ئي محدود ٿي وينديون آهن ملڪي ۽ غير ملڪي گهرجون عوام طرفان هجن يا حڪمرانن طرفان عجيب ۽ غريب قسم جون هونديون آهن.

هاڻ هلون ٿا چين ڏانهن جيڪو پاڪستان جو تمام کان تمام گهاٽو دوست ملڪ آهي، جنهن پاڪستان کي ڇا نه ڏنو آهي اهو عوام ۽ هتان جا حڪمران به ڄاڻن ٿا آخر ۾ پاڪستاني ادارن کي مالا مال بڻائڻ لاءِ ”سي پيڪ“ پيڪيج پاڪستان جي ڏٻرن ادارن کي ڀڙ بڻائڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، پوءِ ڀلي انهن ادارن جي ڀينگ ٿئي، خبر تڏهن پوندي جڏهن تعليم ته آهي پر ماستر نه آهن، روڊن تي صرف پٿر ئي پيل هوندا پر ٺهندي سال گذري ويندا، اسپتالون آهن پر دوائون نه هونديون، بيروزگار لاءِ روزگار موجود هوندا پر انهن کي ڪجهه گهرجن کانسواءِ ملي نه ٿو سگهي،

پر اسان کي عجيب ٿو لڳي ته ان جي موٽ ۾چين اسان جي ملڪ کان ”غريب“  ”گڏهن“ جي گهر  ڪري اسان کي شرمائي ڇڏيو اٿس، اسان کان زمينون گهريون ويون اهي کيس ڏنيون جتي پاڪستان جا ادارا ٺاهيا پيا وڃن، سرحدن جي حفاظت لاءِ مختلف ٽيڪنالاجي گهري اها به چين ڏني، اسان کان ڪرپشن گهري، بيروزگار گهري، دهشتگرد گهري، ٽارگيٽ ڪلر گهري اهي به ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڇو ته انهن کي چين ئي پڪڙي سزائون ڏئي سگهي ٿو، اسان جي ديس ۾ انهن کي سزا ڏيڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. پوءِ چين جا شڪر گذار آهيون، وڃي گڏهن جي ”ڊمانڊ“ ڪئي اٿس انهن گڏهن کي ڪندو ڇا؟! ٻڌائڻ ته گهرجيس يا نه.

پر خبر نه آهي ته گڏهن جي چين کي گهرج ڇو پئي، صرف گڏهه ئي ڇو، خچر، ڪتا گهري ها، سوئر گهري ها اهي به ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪي اسان وٽ ججهي انداز ۾ موجود آهن.  اسان وٽ سوئرن، ڪتن جي کوٽ ئي ڪانهي، ڪتا ايترا وڌي ويا آهن جو رات جو ننڊون ڦٽائي ٿا ڇڏين، سوئر ايترا ٿي ويا آهن،جو  ”فصلن“ جا ”فصل“ تباهه ڪري ڇڏيا اٿن. پر چين به گهريا ته ”گڏهه“  خبر نه آهي ته گڏهن سان گاڏا ٻڌي چيني سفر ڪندا يا ٻئي ڪنهن  ڪم لاءِ ڪتب آندا ويندا، اهو نه ٻڌايو ويو آهي، اسان لاءِ اها گهر ته ننڍي کان ننڍي آهي پر ٿي سگهي ٿو چين کي ”پاڪستاني گڏهه“پسند آيا هجن يا  اتان جا گڏهه ٿڪل هجن ڇو ته چين جا ماڻهو پنهنجي ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪن ٿا انهن سان گڏ شايد  گڏهه به هجن جن چيني گڏهن جو نسل ختم ٿي ويو هجي، پر اسان جا گڏهه مرڻ وارا نه آهن، يقين نه ٿو اچي ته ”ميڊيا “ تي نظر ڦيرائي ڏسو.

بهرحال چين جهڙو وڏو ملڪ آهي، اسان گڏهه حاضر ڪري ڏينداسين، اهڙي دوست ملڪ لاءِ جان به حاضر جنهن ملڪي معيشت کي مضبوط بڻايو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ڪرپشن گهڻي آهي، شايد  ”سي پيڪ“ اڳتي به وڌي، فنڊ ته 90 سيڪڙو جاري ٿي چڪا آهن، اها خبر پئي آهي ته ڪنهن کي ڏنا ويا آهن  اهي وڏا تفصيل آهن پر اسان  گڏهن سان مالا آهيون جيڪي چين کي حاضر ضرور ڏينداسين ۽ اميد آهي ته اسان جي گڏهن جو چين بهترين نموني سان خيال رکندو جيئن اسان ”ڪرپشن“ کي خيال سمجهي ختم ٿيڻ جي گهر ٿا ڪريون پر ختم نه ٿي ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب به سپريم ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾!!

عزيز ناريجو سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو نيب کان ميگا ڪرپشن جي 150کان وڌيڪ ڪيسن جا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي