21 سومر , آگسٽ 2017

لوڊشيڊنگ، نواز شريف جو واعدو ۽ پ پ جو احتجاج

شير محمد سولنگي

جيئن سياري موڪلاڻي ڪئي آهي تيئن ئي اونهاري پنهنجو زور ڏنو آهي هن مهل ئي جون ۽ جولاءِ جي درجي حرارت جهڙو گرمي پد سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ماڻهن کي ستائي رهيو آهي . سج جي گرمي آهي ته انسان ذات ۽ جاندارن لاءِ ڪارائتي پر جڏهن سج جي گرمي حد کان وڌي ويندي آهي، ته اها ئي سج جي گرمي نقصان ڪار بڻجي پوندي آهي سج جي گرمي ۾ جڏهن کان تيزي آئي هي ته پاڻي ، ٿاڌل، شربت ، جوس ،لسي ، ڪمند جي رس سميت ٿڌين شين جي استعمال اضافو ٿيو آهي . گرمي جي شدت جو ڪانٽو هن وقت  49 تائين پهچي چڪو آهي پر سنڌ سميت  سڄي ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار آهي جنهن جي ڪري صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي پد 45 سينٽي گريڊ کان وڌي ويو آهي. ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گرمي جي لهر برقرار آهي ۽ لوڊ شيڊنگ عوام جي ڏکيائين ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. اڄ سڀ کان وڌيڪ گرمي لاڙڪاڻي ۾ رڪارڊ ڪئي وئي جتي 46 سينٽي گريڊ گرمي آهي. ان کان سواءِ ديري غازي خان 45، دادو ۽ ڪوٽ ادو ۾ 44، بهاولپور، بهاولنگرم سکر، نوڪنڊي ۽ تربت ۾ 43، فيصل آباد لاهور ۽ ساهيوال ۾ 42، جهنگ ۽ اوڪاڙي ۾ 41 جڏهن ته قصور ۽ خانپور ۾ 40 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سخت گرمي ۽ خشڪي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداريءَ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ۽ مظاهرن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پ پ سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ جاري لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جو ترجمان چوڌري منظور اڄ پريس ڪانفرنس ۾ احتجاجي شيڊيول جاري ڪندو. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي جڏهن ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري دعويٰ ۽ واعدا دوکو نڪتا. سنڌ ۽ پنجاب سميت اڄ کان ڇھه ڏينهن پهريان ڪراچي ۾ به سخت گرمي شروع ٿي وئي آهي ۽ سج چڙهڻ سان گڏوگڏ گرمي پد به مسلسل وڌندو پيو وڃي. ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بند ٿيڻ سبب ميداني علائقن مان ايندڙ گرم هوائن سبب مسلسل ٽئين ڏينهن گرمي پد 40 ڊگري کان مٿي چڙهي ويو. سخت گرمي ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ به شهر ۾ گرمي پد 42 ڊگري کان مٿي چڙهي سگهي ٿو جڏهن ته بدين، بهاولپورم بکر، جوهر آباد ۽ ڪراچي ۾ 40، خانپور، ڪوٽ، ادو ۽ مٺي ۾ 41، تربت 42، حيدرآباد، لسٻيلي ۽ پڊعيدن ۾ 43، دادو، لاڙڪاڻو، مُهين جو دڙو ۽ بينظير آباد ۾ 44 جڏهن ته ڇور ۽ رحيم يار خان ۾ 45 ڊگري گرمي آهي. ست ڏينهن پهريان ڏوڪري سنڌ ۾ گرمي جي لهر، ڏوڪري مُهين جو دڙو ۽ ڀرپاسي واري علائقي تي 44 سينٽي گريڊ گرمي  رڪارڊ ڪئي وئي، گرم هوائن  ۽ جهولي سبب زندگي سخت متاثر ٿي۔ جنهن ڪري اڪثر  ماڻهو گهرن تائين محدود رهيا۔   ڪالهوڪي ڏينهن مُهين جو دڙو ۽ ڀرپاسي واري  علائقي ۾ سخت گرمي ۽ تيز  گرم هوائون لڳڻ سبب اڪثر زندگي مفلوج ٿي وئي۔  گرمي ڪري اڪثر  ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا۔ هوڏانهن   موسميات کاتي مطابق گذريل ڏينهن مُهين جو دڙو ۽ ڀرپاسي ڳاري علائقي ۾ گرمي وڌي 44 سينٽي گريڊ تي پهچي وئي موسميات کاتي موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جا امڪان آهن، مُهين جو دڙو جي ڀر پاسي گرمي جي لهر،سج نيزي تي لهي آيو موهن جو دڙو 44 گرمي پد رڪارڊ ڪئي وئي آهي،گهڻي گرمي هجڻ ڪري آس پاس ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا سخت پريشاني کي منهن ڏين ٿا،گرمي کان بچڻ لاءِ علائقي واسي ٿڌن شيون واپرائڻ تي مجبور  ٿي ويا آهن.ماڻهن گرمي کان بچڻ لاءِ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.جڏھن ته گهڻي گرمي هجڻ ڪري ڪارو باري ماڻھن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي،هوڏانهن ٿاڌل.شربتن جي اسٽالن تي ماڻھن جي وڏي رش هئي.

3 فيبروري 2017ع تي ميرپوربٺورو شھر ۽ آس پاس ۾ بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ جي خلاف شھري ايڪشن ڪاميٽي پاران ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چئرمين صديق سوھو ، ڪائونسلر غلام علي خواجا ۽ ايس ٽي پي جي ضلعي صدر عبدالغني ملاح جي اڳواڻي ۾ شھرين شھر جي علي بندر محلي کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري حيسڪو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي تقريرون ڪندي ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين صديق سوھو ، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر عبدالغني ملاح ، ڪائونسلر غلام علي خواجا ، عوامي تحريڪ جي ساگر پرھياڙ ، پ پ شھيد ڀٽو جي جعفراوٺو ، شھري ايڪشن ڪاميٽي جي علي احمد قمبراڻي شاهد سمون ۽ رسول بخش ميمڻ چيو ته حيسڪو عملدارن پاران روزاني ۲۴ ڪلاڪن مان ۱٦ ڪلاڪ بجلي بند ڪري وڏي عذاب ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي ، اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

9 اپريل 2017ع  تي تلھار ۽ ڀرپاسي بجلي جي  بنا جواز لوڊشيڊنگ خلاف عورت اتحاد پاران ٽئين ڏينھن بہ علامتي بک ھڙتال جاري رھي رد عمل ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو پاران بہ الڳ ڪئمپ لڳائي علامتي بک ھڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي جتي ھتان جي شھرين پاران ڪئمپ تي پھچي يڪجھتي جو اعلان ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي ان سلسلي ۾ مجلس وحدت مسلمين بدين جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ارشاد علي ڪھيري بہ ڪئمپ تي پھچي  عورت اتحاد ۽ پ پ پ شھيد ڀٽو پاران علامتي بک ھڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ٻئي پاسي سني تحريڪ جي حافظ قدوس سمون ، انجمن غلامان آل محمد جي اڳواڻ مقصود بلوچ بہ ڪئمپ تي پھچي علامتي بک ھڙتال ۾ حصو ورتو ۽ مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي عورت اتحاد جي اڳواڻ فرزانا جتوئي ، نيامت ملاح سمي گوپانگ ، روزاني عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو تہ جيڪڏهن انتظاميا بي رحماڻي لوڊشيڊنگ جو سلسلو ختم نہ ڪيو تہ تلھار جون ھزارين عورتن پاران  شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪري حيدرآباد ۔بدين مين روڊ تي تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو.

7 اپريل 2017 تي 18 کان 20 ڪلاڪ جي بنا جواز بغير شيڊول جي بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري شھر ۾ ڪاروباري مزدور طبقو پريشان ۽ مسجدن جي اندر وضو جي پاڻي جي بہ کوٽ پيدا ٿي وئي آھي جنھن جي خلاف عورت اتحاد تلھار پاران پريس ڪلب تلھار اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري عورت اتحاد تلھار جي صدر فرزانا جتوئي ، نيامت ملاح ، روزينا قمبراڻي  جي اڳواڻي ۾ 30کن عورتن پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال شروع ڪري ڇڏي آھي جڏھن تہ ٻئي پاسي شھر جي سياسي سماجي ۽ مذھبي درين پي پي شھيد ڀٽو ، مجلس وحدت مسلمين ، سني تحريڪ پاران علامتي بک ھڙتال جي مڪمل  حمايت جو اعلان ڪندي جدوجھد جي ھر مرحلي ۾ عورت اتحاد سان گڏ رھڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏھن تہ ٻئي پاسي فرزانا جتوئي روزاني عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو تہ 18 کان 20 ڪلاڪ بجلي جي ظالماڻي لوڊشيڊنگ جي ڪري شھر جو ھر قسم جو ڪاروبار تباھ ٿي چڪو آھي مزدور طبقو بيروزگار ھنر  مند ڪارخانن جامزدور معاشي بحران جو شڪار آھن حد جو ايس ڊي او ۽ ايل ايس ھٿرادو لوڊشيڊنگ جا ذميوار آھن انھن حيسڪو چيف کان مطالبو  ڪيو تہ ٻنھي کي فورن تلھار مان معطل ڪري سنڌ جي ڪنھن ڏورانهين حصي ۾ رکي شھرين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي انھن وڌيڪ چيو تہ جيسيتائين اسان جي مطالبن تي عمل نٿو ڪيو وڃي تيستائين علامتي بک ھڙتال ۽ جدوجھد جاري رھندي.

بجلي لوڊشيڊنگ تي قومي اسيمبلي جو ماحول گرم ٿي ويو، عابد شير علي چيو آهي ته سنڌ ۾ 183 فيڊرز تي 80 سيڪڙو بجلي چوري ٿي رهي آهي، جڏهن سچ ڳالهائيندو آهي ته پ پ اڳواڻن کي تڪليف ٿيندي آهي. قومي اسيبميلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، پيپلزپارٽي آصف علي زرداري جي ساٿين جي گمشدگي خلاف قومي اسيمبلي جي اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو.  سعودي اتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت تي بحث لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري تحريڪ التوا به پيش ڪئي. پاڻي ۽ بجلي بابت مملڪتي وزير عابد شير علي قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي چيو ته بجلي چوري ۾ ٻه سيڪڙو  گٽتائي آئي آهي. سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ مان 500 ارب رپيا بجلي جي مد ۾ وصول ڪرڻا آهن، گردشي قرضن جو وڏو سبب صوبن طرفان پيسا ڏيڻ نه آهي. پر شڪر آهي ته سنڌ حڪومت هاڻ پيسا ڏيڻ شروع ڪيا آهن. سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ آهي ، حقيقتن جي ابتڙ ڳالهيون نه ڪيون وڃن، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي. جنهن ڪري شهري توڙي ٻهراڙي جي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي جنهن ڪري سنڌ جي هر شهر مان بجلي جي ڀاري لوڊ شيڊنگ جون دانهون ڪوڪون گونجي رهيو آهن. محترم نواز شريف هن مهل تائين عوام سان ڪيل پنهنجا واعدا پاري ناهي سگهيو. موٽ ۾ عوام به کيس سال 2018ع  واري چونڊن ۾ رد ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب به سپريم ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾!!

عزيز ناريجو سپريم ڪورٽ پهريون ڀيرو نيب کان ميگا ڪرپشن جي 150کان وڌيڪ ڪيسن جا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي