17 آچر , ڊسمبر 2017

آدمشماري ڪهڙا نتيجا ڏئي سگهندي..؟

غلام محمد ڀٽي

ملڪ سميت سنڌ ۾ 19 سالن کان بعد ڇهين آدمشماري گهر شماري تيزي سان هلي رهي  آهي. پر جيئن 1998ع ۾ٿيل آدمشماري جي انگن اکرن کي ڄاڻي واڻي وفاقي حڪومت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو. ۽ ننڍن صوبن جو حق وڏو ڀاءُ پنجاب صوبو زوريءَ کائي رهيو آهي.  هن ٿيندڙ  آدمشماري به سنڌ جي حق جو زندگي ۽ موت جو ڪارڻ بڻيل آهي. ڇو ته سنڌ دنيا ليول تي عالمي يتيم خانو بڻيل آهي.۽ وڌندڙ ڌارين جي يلغار ۽ مهمان نوازي سنڌين کي   سدائين  ڳچي ۾ پئجي چڪي آهي. ڇو ته ڌاريا آيا ٽانڊو کڻڻ بورچي بڻجي ويا آهن. سنڌي ڇٽا……….؟ سنڌ جي دعويٰ وري ڌاريا پيا ڪن. اها وڏي ڏکائيندڙ ڳالهه آهي. جڏهن ته پنجاهه لک  کان وڌيڪ ڌاريا سنڌ ۾موجود آهن. جنهن جي نادرا به تصديق ڪري ڇڏي آهي. پر جڏهن ته سنڌي سنڌ ۾ دعويٰ ڪن ته ست ڪروڙ آهيون. پر ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا ته پنج ڪروڙ اسان آهيون.جڏهن ته هن وقت سنڌ جي بقا، زندگي موت جو مسئلو فقط آدمشماري جي روپ ۾ سڄي سنڌ اندر گونجي رهيو آهي ته سنڌ جي رهندڙن کي سنڌ جي قومپرستن، اديبن، شاعرن، ساڃاهه وندن، ميڊيا گروپن، اين جي اوز وارن جي ڌم لکي پئي آهي ته پاڻ کي ڳڻپ کان نه رهايو.ٿيڻ ته ائين گهرجي ته جيڪو به سنڌ ۾ رهي ٿو، سنڌ جو نيمڪ کائي اهو نيمڪ ملهائي. ڇو ته ٿيندڙ آدمشماري واري تيرنهن ٻولين جا خانا ۽ ڪيترائي سوال ڏنا ويا آهن. پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ واسي پنهنجي ضمير جو فيصلو ڪري قومي خاني ۾سنڌي نه لکرايو ته دنيا ليول، عالمي طور سنڌي ننڌڻڪا، ڌرتي ڌڪاڻا بڻجي پنهنجي سنڌ ۾ اقليت جو شڪار بڻجي وينداسين. تنهن ڪري آدمشماري ۾ سنڌ جي وجود جي بقا کي برقرار رکڻ جياپي جو اهم حثيت رکندڙ مسئلو آهي. جڏهن ته دنيا جي ملڪن آمريڪا، لنڊن، جپان، چين، ڀارت، سميت ٻين ملڪن ۾ آدمشماري وقت سر ٿيندي رهندي آهي.۽ ننڍن صوبن کي رياستي طور پنهنجو جائز حق لازمي طور ڏنو ويندو آهي. پر اسان جي ملڪ ۾ قانون طور تي ڪا به شئي ناهي. تنهن ڪري 19 سالن کان بعد آدمشماري  ٿي رهي آهي. اها به سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي ڪا به دلچسپي ناهي پر ان مسئلي کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سخت اسٽينڊ ورتو تڏهن اڄ ملڪ جي مختلف صوبن اندر صاف شفاف آدمشماري ڪرائي صوبن کي حق توڙي وسيلا ڏيارڻ جو احساس ڏياريو پيو وڃي. پر سنڌ حڪومت جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به خدشو ڏيکاريو آهي ته آدمشماري جنهن نموني سان ٿي رهي آهي اهڙي نموني جاري رهي ته نتيجا قبول نه ڪبا. ۽ نه وفاق کي آدمشماري بابت شڪايتن جي الزالي لاءِ ميڪنزم جوڙڻ گهرجي. خدشا دور ٿيڻ گهرجن. ۽ هر بلاڪ جي ڪل آبادي مرد ۽ عورت جي تعداد بابت حڪومت ڇا پر عام ماڻهو لاءِ به ويب سائيٽ تي سمجهائڻ لاءِ رکڻ گهرجي. جڏهن ته پ پ جي سينيٽر عبدالقيوم سومرو چوي ٿو ته آدمشماري وسيلي سنڌ کي حق ادا ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ته آدمشماري تي خدشا آهن. پر مايوس نه پر متحرڪ ٿيڻو پوندو. هو سنڌ پنهنجو ڪم سمجهي آدمشماري ۾حصو وٺن ته سنڌ وڌيڪ ترقي ڪندي رهندي.  وري جڏهن ته  سنڌ واسي آدمشماري ڪاميٽي جي اڳواڻن سيد جلال محمود شاهه، قمر ڀٽي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امير پنهور ، اظهر جتوئي، غلام مصطفيٰ چانڊيو، اعجاز سامٽيو،  رياض چانڊيو  ۽  ٻين اڳواڻن  ۽ ڊاڪٽر قادرمگسي،  رسول بخش پليجو، اياز لطيف پليجو، دودو ديشي ۽ ٻين سڄي سنڌ ۾ وڏي واقعي آدمشماري جاڳرتا مهم هلائي، ڪشمور کان ڪارونجهر ۽ ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين عوام ۾هڪ سجاڳي جو پيغام گهر گهر پهچايو ته جيڪي به سنڌ ۾ رهندڙ  ڌريون شهري گجراتي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، ميمڻ، بلوچي، بروهي، راجستاني، مارواڙي، فارسي، سرائڪي، لوڙڪي جيڪي به آهن. اهي سنڌ جي وسيلن تي پلجي رهيا آهن. سنڌ امڙ سان نيمڪ حلال پٽ جو فرض ادا ڪري قومي خاني ۾ سنڌي لکرائين. اهي ڀلي گهر ۾ ڪهڙيون ٻوليون ڇو نه ڳالهائيندا هجن. ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ جيڪا گهر شماري آدمشماري وفاقي حڪومت طرفان ٿي رهي آهي. ان ۾ ٿيندڙ رنڊڪون،  سازشون، ناڪام بڻائڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکي، پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ڇو ته جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مختلف ڌاريون قومون رهن ٿيون. پر اهي  ذاتي انائن کي ڇڏڻ ڪو به عيب نه سمجهن. قومي خاني ۾ سنڌي لکرائي سنڌ امڙ سان ٿڃ ملهائڻ جو وچن ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏين. جڏهن ته هلندڙ آدمشماري جي پهرين يا وري ٻئي مرحلي ۾ خاص طور تي سازشون ٿي رهيون آهن. ڇو ته معذور ۽ کدڙن فقيرن کي ڳڻپ کان رهايو وڃي ٿو. پين جي جاءِ تي پينسل سان آدمشماري عملو ڪري سنڌ جي آدمشماري ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ جا خدشا ۽ شڪ شعبا تيزي سان وڌي رهيا آهن. جيڪي  جيئي سنڌ جا سڏائن ٿا ڪامريڊ انهن ته سنڌ جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي. پر ٻيا رهندڙ سنڌي پنهنجون ٻوٽيل اکيون کولي کين آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ پاڻ کي ڳڻايو وڃي. ڇو ته سنڌ کي رائيلٽي، مالياتي ايوارڊ، نوڪريون ترقياتي ڪمن جي بجيٽ اسڪول، ڪاليج يونيورسٽيون، اسپتالون، يوسي چيئرمين، ايم اين اي ۽ ايم پي اي جو سيٽون وڌنديون، انهن جو فائدو سنڌ کي ئي ٿيندو  رهندو.

جڏهن ته هن وقت سنڌ جي ماڻهن قومپرستن، اديبن، وفاقي حڪومت کان اهو جائز مطالبو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين جي يلغار کي نيڪالي ڏئي پوءِ گهر شماري ڪئي وڃي ته اهو عمل تمام بهتر ٿيندو. ڇو ته آدمشماري سان هر رائلٽي جو حق سنڌ ۾ رهندڙ ڌاريا کائي وڃن ٿا. سنڌ جا بي پهچ ماڻهو خودڪشيون ڪري ۽ پنهنجا ٻچا وڪڻي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ کي رائلٽي ملندي ته سنڌ سرسبز ۽ ويتر خوشحال رهندي.

جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ڌرين لاءِ هي وقت امتحان توڙي آزمائش جو اچي چڪو آهي ته پاڻ آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي پاڻ کي ڳڻايون ۽ رهجي نه وڃون.  نه ته ڪمي ڪوتاهي ڪئي سين ته اسان کي مستقبل ڪڏهن به معاف نه ڪندو. ۽ اسان جو ايندڙ نسل بيدردي سان ٿيندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهندو. نه ئي ڪا تبديلي آڻي.

سگهندو. اسان سنڌ ۾ سڀئي سنڌ جا هلالي پٽ هڪ ٿي آدمشماري ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺي سنڌ دشمن ڌارين کي ڪري ڏيکاريون ته اسان سڀ پاڻ ۾متحد منظم قوم آهيون. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف ٿيندڙ سازشون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي زراعت، صحت ۽ تعليم جي ترقي جي دعوائن جي حقيقت

آغا نور محمد  پٺاڻ گذريل هفتي جي اخبارن ۾ ڪجھه خبرون پڙهڻ سان دل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے