25 اڱارو , اپريل 2017

رياستي ادارن ۾ ڪرپشن جي بيماريءَ جو علاج ڪير ڪندو….؟

راهب علي سولنگي

پاڪستان جي سياسي تاريخ مان اها حقيقت سامهون آئي آهي ته جڏهن حڪمران جماعت ملڪ جي آئين کان هٽي ڪري غلط رستو اختيار ڪندي آهي ته ملڪ ۾ انتشار وڌي ويندو آهي. ان کان علاوه ملڪ ۾ سياسي جنگ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. اقتدار لاءِ حڪومت ۾ ڪا به نرمي نظر ايندي آهي، پوءِ اقتدار لاءِ حڪومت بند گھٽي ۾ پهچي ويندي آهي پوءِ حڪمران جماعت کان هٿن مان اقتدار هليو ويندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ اقتدار ۾ ويٺل سياسي جماعت جي ليڊر کان وزيرن تائين انهن جي سياسي زندگي ۾ ڪيترائي ڪرپشن جا ڪيترائي اسڪينڊل جا بحران ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. انهن جي سياسي ۽ خانداني ساک ڪرپشن جي حوس جي ڪري داءَ تي لڳل هوندي پوءِ اها جماعت اقتدار کان ٻاهر هوندي ڪرپشن جا واويلا ڪندي آهي. تڏهن ملڪ ۾ سياسي مسئلا پيدا ٿيندا آهن. پوءِ عوام جي ترقي رڪجي ويندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ڪندڙ کي سڀ سهولتون موجود آهن جنهن ۾ آئيني ۽ قانوني سهولتون آهن.

تڏهن ته ملڪ جي بئنڪن مان کربن رپين جو ورتل قرض معاف ڪرايو وڃي ٿو. اربن رپين جي ڪرپشن ڪندڙ آزادي ماڻين ٿا. ڪرپشن ڪندڙ اهي ماڻهو هر روز اخبارن جي خبرن جي زينت بڻيل آهن. ڇو ته ملڪ ۾ جيڪو قانون آهي انهيءَ قانون جي ڪا به ڌار مٿن لاڳو نه ٿي ڪئي وڃي. تڏهن اهڙن ماڻهن ملڪ جي آئين کان انڪاري ٿي ملڪي قانون کي چڪمو ڏيئي آزاد ٿي وڃن ٿا. تڏهن ته ملڪ جو قانون انهن جي تحفظ جي ضمانت ڏيئي ٿو. انهن کي وڏو پروٽوڪول ڏيئي انهن جي محافظ ٿيڻ جي ذميواري کڻي ٿو ڇو ته ملڪي قانون انهن جي ڪرپشن ڪيل دولت جي حفاظت لاءِ ٺاهيو ويو آهي. تڏهن انهن کي شاباشي طور سونا تاج مٿي تي رکي انهن آڏو دهلن شرناين سان جھومريون هڻي گلن جي ورکا ڪري، هو جمالو، منهنجو کٽي آيو خير سان وارو گيت ڳائي اهو ثابت ڪندا آهيون ته اسان صرف ووٽ ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهيون. جڏهن ڪو غريب غربت سبب بک بدحالي سبب ٻه مڻ چانورن جا چورائي ٿو ته انهيءَ غريب تي آڱريون کڄڻ شروع ٿي وينديون آهن ته هي چور آهن. انهيءَ تي قانون جو سڀ جو سڀ ڌارائون لاڳو ڪري ان جو ڪيس دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ موڪليو وڃي ٿو. جيڪي ڪرپشن کي جائز سمجھي ڪرپشن ڪن ٿا. ڪرپشن جي بازار ۾ ڪرپشن جو ننگو ناچ هلي رهيو آهي. تڏهن ته امن امان جو مسئلو، دهشت گردي جو مسئلو، نا انصافي جو مسئلو، هر طرف ظلم، حق تلفي جو مسئلو انهي ڪرپشن جي ڪري ٿئي ٿو تڏهن وري ملڪ دشمن کي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. پنهنجي ملڪ جا شهري دهشتگردن جا سهولتڪار ٿي انهيءَ ڪرپشن مان حاصل ڪيل دولت سان ضمير جو واڪ هلي ٿو.

هر شئي ويڪائو نظر اچي ٿي. قيمت سٺي لڳائڻ سان ڪرپشن جي پرورش ڪندڙ اهو سوچي رهيا آهن ته اسان ڪرپشن واري دولت پاڻ سان گڏ ڪفن ۾ کيسا ٺهرائي قبر ۾ کڻي وينداسين. ڇو ته ڪرپشن هڪ ڪمال وارو هنر آهي. جنهن پاڪستان کي دهشت گردي، بيروزگاري، مهانگائي، پاڻي جو بحران، توانائي جو بحران، بيماري، غربت بک، بدحالي، ناقص تعليمي نطام جو مسئلو ۽ صحت جو مسئلو، اهي سڀ مسئلا اسان کي انهيءَ ڪرپشن جي صدقي مليا آهن. اسان جا مسئلا ڪرپشن کان شروع ۽ ڪرپشن سان ختم ٿين ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وزيرن جو تعداد گھڻو وڌيڪ هوندي به مسئلا حل ناهن ٿي سگھيا. جڏهن ته انهن 96 وفاقي وزيرن جو ملڪي خزاني مان هڪ وفاقي وزير تي ساليانو خرچ 16 ڪروڙ رپيا آهي. 96 وفاقي وزيرن جو ٽوٽل سال جو خرچ 15 ارب 36 ڪروڙ رپيا آهي. ان کان علاوه هر وفاقي وزير کي 5000 هزار بجلي جا يونٽ مفت 45 وي آءِ پي هوائي ٽڪيٽون سال ۾ مفت ملن ٿيون.

موبائيل جو هڪ لک رپيا خرچ ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوه ميڊيڪل فري ۽ ٻيون ڪيتريون رعايتون مليل اٿن. پوءِ به انهن کان ڪرپشن ڪرڻ جو نشو ڪڏهن ختم نه ٿيندو. جن رياستي ادارن سان ملڪ هلي ٿو ۽ اهي ئي رياستي ادارا ڪرپشن جو شڪار ٿيندا ته پوءِ ملڪي عوام جا جائز مسئلا ڪڏهن به حل نه ٿي سگھندا. انهيءَ ڪرپشن جي ڪري عوام کي رياستي ادارن مان ڪنهن قسم جو ڪو به فائدو ناهي ملي سگھيو. ڇا پارليامينٽ ۾ ايتري همت آهي ته هو رياستي ادارن مان ڪرپشن خلاف قانون ٺاهي سگھي. جيئن ڪرپشن جون پاڙون پٽيون وڃن. ملڪي  رياست ۾ بنيادي اهم ادارا آهن، جنهن سان رياست هلي رهي آهي. جڏهن ته اهي ئي ادار پاڻ ڪرپٽ ٿي وڃن ته پوءِ ملڪ ڪامياب ڪٿان ۽ ڪيئن ٿيندو.

هن وقت ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته پارليامينٽ کي متفق ٿي فيصلو ڪرڻ گھرجي ته ڪرپشن ۽ بدعنواني خلاف مضبوط قانون سازي ڪري ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ گھرجي. ڇو ته پارليامينٽ ملڪ جو سپريم ادارو آهي جنهن ۾ جمهوري انداز ۾ ڪم جي عوام توقع رکي ٿو. ملڪ جي عوام پنهنجي نمائندن کي پارليامينٽ ۾ قانون سازي جي لاءِ ايوانن ۾ موڪليندو آهي ۽ اپوزيشن جماعت جو ڪم حڪومت تي تنقيد ۽ انهن جي غلط پاليسين کي جمهوري ترقي سان ختم ڪرائي اسيمبلي جي ڪمن ۾ رڪاوٽ وجھڻ اهو به جمهوري رويو ناهي. اسيمبلي ايوانن ۾ ڏاڍ مڙسي ۽ احتجاج هڪ ٻئي کي ڪريل لفظ ڳالهائڻ ان کان علاوه ايوانن ۾ هيرو ۽ ولين واري لڙائي ڪرڻ اهو اسان جي گريجوئيٽ اسيمبلي ۾ ويٺل عوامي نمائندن کي سونهين نه ٿو. جمهوري انداز ۾ اسيمبلي ايوانن جي ڪاروائي ۾ حصو وٺڻ گھرجي، ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ قانون سازي ۾ پنهنجو سٺو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. عوام لاءِ مايوسي واري سياست ڪيسيتائين هلندي. اهڙي سياست جو انت اچڻ گھرجي. انهيءَ سان ملڪ ۽ ملڪ جي عوام ترقي ڪري سگھي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ججن جي فيصلي ۾ اختلاف ڇو؟

شير محمد سولنگي                          ڪافي ڏينهن کان بند پيل پاناما ليڪس ڪيس بند پيل پانڊورا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي