27 ڇنڇر , مئي 2017

ڪرن خان زرعي يونيورسٽي انٽر فيڪلٽي گرلس بيڊمنٽن جي چيمپيئن بڻجي وئي

Tandojam SAU Bedminton Final (1) 18.4.2017ٽنڊو ڄام (ن ع آ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ جاري انٽر فيڪلٽي گرلس بيڊمنٽن چيمپيئن شپ جو فائنل ڪراپ پروٽيڪشن جي ڪرن خان کٽي ورتو. زرعي يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس جي ميزباني هيٺ جاري گرلس بيڊمنٽن چيمپيئن شپ جو فائنل ڪراپ پروٽيڪشن جي ڪرن خان ۽ ڊي وي ايم جي ماهرا خان وچ ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ ڪراپ پروٽيڪشن جي ڪرن خان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 16-12 ۽ 16-14 تان ڊي وي ايم جي ماهرا خان کي شڪست ڏئي چيمپئن جو اعزاز حاصل ڪيو، جڏهن ته ٽين پوزيشن لاءِ ڪراپ پروٽيڪشن جي ڪيٿرين ۽ ساڳي فيڪلٽي جي ثمن قاضي وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڪيٿرين 16-12 ۽ 16-13 تان ڪاميابي ماڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. چيمپيئن شپ جي فائنل جو خاص مهمان وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي هو، جن رانديگرياڻين ۾ انعام ورهايا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

HARIS SOHAIL

حارث سهيل پاڪستان ٽيم کي برمنگهم ۾ جوائن ڪري ورتو

برمنگهم(اسپورٽس نيوز) عمر اڪمل جي ان فٽ ٿيڻ کانپوءِ چئمپينز ٽرافي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي