17 آچر , ڊسمبر 2017

2003ع ۾ فڪسرن رابطو ڪيو هو: راشد لطيف جو انڪشاف

rahsidلاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف ڪرڪيٽ فڪسنگ معاملي تي نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن انڪشاف ڪيو آهي ته 2003ع ۾ بڪي مون سان رابطو ڪيو، ان وقت قومي ٽيم جي مئنيجر هارون رشيد جي چوڻ تي مان بڪي رتن مهتا سان مليس پر مئنيجر کي خبر نه هئي ته اهو شخص بڪي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ راشد لطيف جو چوڻ هو ته مان بڪي سان ملڻ کانپوءِ سندس آڇ ٿڏيندي اهو معاملو آءِ سي سي کي رپورٽ ڪيو، جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مون سان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن آءِ سي سي ۽ پي سي بي کان مطالبو ڪيو ته فڪسنگ بابت قانون ۽ سزا وڌيڪ سخت ڪئي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ويرات ڪوهلي کي زندگي جي نئين اننگز تي مبارڪ ڏيان ٿو: محمد عامر

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عامر ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے