21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

سنجي دت جو ڪردار نڀائي رنبير ڪپور وڌيڪ مشهور ٿيندو: ديا مرزا

diyaممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ديا مرزا چيو آهي ته سنجي دت جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ رنبير ڪپور جي مقبوليت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ ديا مرزا جو چوڻ هو ته رنبير ڪپور وڏي صلاحيت رکندڙ ۽ زبردست اداڪار آهي، ان سان گڏوگڏ هو هڪ حقيقت پسند انسان پڻ آهي. فلم ۾ ديا مرزا پڻ اهم ڪردار نڀائيندي نظر ايندي. ان حوالي سان اداڪارا جو چوڻ هو ته رنبير ڪپور سان گڏ ڪم ڪري مون کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته سنجي دت جي حياتيءَ تي ٺهندڙ فلم جي رليز کان پوءِ رنبير ڪپور جي مقبوليت ۾ ڏهوڻ تي اضافو ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ڊر“ مان گهڻا سوال ڪرڻ سبب ڪڍيو ويو هو: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي ڪامياب فلم ”ڊر“ ته سڀني کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي