21 سومر , آگسٽ 2017

ڪيترين ئي ڀارتي فلمن جون آڇون رد ڪري چڪي آهيان: صبا قمر

sabaلاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا صبا قمر چيو آهي ته مون کي پنهنجي نالي سان گڏ فلمن جون ڊگهيون لائينون لڳائڻ جو ڪو شوق ناهي، اهو ئي سبب آهي جو مان هيل تائين لالي ووڊ توڙي بالي ووڊ جي 20 کان وڌيڪ فلمن جي آڇ کي رد ڪري چڪي آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ صبا قمر جو چوڻ هو ته 2008ع ۾ سيف علي خان جي فلم” لو آج ڪل“ ۾ ڪم ڪرڻ آڇ ٿي هئي پر مان انڪار ڪري ڇڏيو، اهڙي ئي ريت پوءِ به مون کي وڏن بئنرن ۽ ناليوارن اداڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جون آڇون ٿينديون رهيون پر مان ڪا به آڇ قبول نه ڪئي. هن چيو ته جڏهن مون کي فلم ”هندي ميڊيم“ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي ته مان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويس، ڇو جو هڪ ته ان فلم جي ڪهاڻي سٺي هئي، ٻيو ته ان ۾ عرفان خان جهڙو اداڪار ڪم ڪري رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنجي دت جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم جي ڪاسٽ ۾ تبو به شامل

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ اداڪاره تبو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي