27 ڇنڇر , مئي 2017

پاناما ڪيس جمهوريت جي قبر کوٽڻ جي شرمناڪ سازش آهي: سعد رفيق

khawaja saad rafiqueلاهور(ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جو چوڻ آهي ته پاناما ڪيس ڪجهه سازشين جو پوليٽيڪل اسٽنٽ آهي جيڪو جمهوريت جي قبر کوٽڻ جي شرمناڪ سازش آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پاناما ڪيس جي فيصلي متعلق پنهنجي بيان ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ ريلوي جي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاناما ڪيس جمهوريت جي قبر کوٽڻ جي شرمناڪ سازش آهي ۽ هي ملڪي ترقي، استحڪام ۽ جمهوري تسلسل خلاف سازش ڪئي پئي وڃي، ان چيو ته وزيراعظم نواز شريف ئي پاڪستان کي شفاف طرز حڪمراني ڏني، پاناما ڪيس چند سازشين جو پوليٽيڪل اسٽنٽ آهي ۽ اهو مقدمو سياسي بنيادن تي وڙهيو ويو ڇو جو پاناما ڪيس ۾ مخالف پنهنجي الزامن جي حق ۾ ڪوبه ثبوت نه آڻي سگهيا، ريلوي جي وزير جو چوڻ هو ته اسان کان بري شڪست کائڻ واري هاڻي سپريم ڪورٽ کي مورچي طور استعمال ڪرڻ گهرن ٿا جڏهن ته پاناما ۾ عمران جي مالي بدعنوانين خلاف حنيب عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي جا منتظر آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ahsan Iqbal

بجيٽ ۾ سي پيڪ منصوبن لاءِ 180 ارب رپيا مختص ڪيا ويا: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته بجيٽ ۾ سي پيڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي