17 آچر , ڊسمبر 2017

وزيراعظم 2018 تائين بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ جو چيو هو: احسن اقبال

Ahsan iqbalحيدرآباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف چيو هيو ته 2018 تائين بجلي بحران تي ضابطو آندو ويندو، بجلي جو هڪ منصوبو لڳائڻ ۾ 3 کان 4 سال لڳي ويندا آهن، آجياڻي کي خطاب ڪندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه گذرندو هو، جڏهن دهشتگردي جو ڪو واقعو نه ٿئي ۽ هر ڏينهن دهشتگردي جي واقعن سبب سمورا سرمائيدار پرڏيهه منتقل ٿي رهيا هئا پر وزيراعظم دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ انهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي، هن چيو ته بجلي جو هڪ منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ 3 کان 4 سال لڳي ويندا آهن، جڏهن ته هڪ سال دوران بجلي جا سمورا منصوبا هڪ هڪ ڪري مڪمل ٿي ويندا، اهو ئي نه هڪ سال ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي نظام ۾ داخل ٿيندي، جنهن سان ملڪ ٻيهر اوندهه مان نڪري ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماءِ لارڊ ڇا توهان جو بابا واٽس ايپ ڪالز به ڪندو هو؟ مريم نواز جو ثاقب نثار جي تقرير تي طنزيه ٽويٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيف جسٽس آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے