11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز : رپورٽ

ترقي ۽ رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سندن حڪومت ايندڙ ٽن سالن اندر ملڪ جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽيون ۽ ڪئمپسز قائم ڪندي، ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي کي وڏو مالي پئڪيج ڏنو ويندو ته جيئن ملڪ جي هن پراڻي تعليمي درسگاهه کي وڌيڪ ترقي وٺرائي سگهجي. سنڌ يونيورسٽي جي خصوصي گرانٽ لاءِ وزيراعظم پاڪستان سان به ڳالهائيندس،  قوم آخري ڀيرو گرمين ۾ لوڊشيڊنگ واري تنگي ڀوڳيندي، جنهن بعد ايندڙ سال کان سسٽم ۾ 10 هزار ميگا واٽ وڌيڪ بجلي اچي ويندي ۽ ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ چين پاڪستان اقتصادي ڪاريڊور جي فائدن ۽ اهميت بابت منعقد ٿيل ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته موجوده دور ڄاڻ واري معيشيت جو دور آهي، جنهن جا ڪور ڪمانڊر يونيورسٽين جا وائيس چانسيلر آهن.  اڄ جون جنگيون جنگن جي ميدان ۾ نه پر يونيورسٽين جي ڪلاس رومن ۾ ليباريٽريز ۾ وڙهيون پيون وڃن، جنهن لاءِ اسانکي تيار ٿيڻو پوندو. سندس چوڻ  هو ته جن قومن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ حقيقي تحقيق کي هٿي وٺرائي ۽ ڪم ڪيو، اهي ڪامياب آهن، جڏهن ته تحقيق جي دنيا ۾ ڪٽ پيسٽ ڪندڙ محققن ۽ سندن يونيورسٽين کي ناڪامي ئي ملندي آهي. تنهن ڪري نوجوان محققن کي محنت ذريعي تحقيق ۽ جديد تحقيقي لاڙن تي ڌيان ڏيڻو پوندو.  هن چيو ته جيڪڏهن محقق ڪٽ پيسٽ تي ڀاڙيندا ته پوءِ هڪ ڇا ڏهه سي پيڪ منصوبا به ڪم جا نه آهن.  وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان ۾ سي پيڪ ذريعي ترقي ۽ خوشحالي جا وڏا موقعا ميسر ڪيا آهن، جنهن سان مستقل ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ ترقي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي.  وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ هو ته 2025  ۾ ملڪ اندر توانائي جي بحران جو خاتمو اچي ويندو ۽ پاڪستان دنيا جي مضبوط 25 معيشيت وارن ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو.  ان موقعي تي ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير مير هزار خان جاراڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي صوبي جي عوام جي دلين ۾ وسي ٿي، ان جي ترقي جي راهه ۾ جيڪي به رڪاوٽون آهن، انهن کي دور ڪيو ويندو.  هن چيو ته سي پيڪ منصوبو اهم آهي، جنهن ذريعي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ روڊرستن جو ڄار وڇايو ويندو ۽ عوام لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا.  ڪانفرنس کي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت  يونيورسٽي کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي قديم يونيورسٽي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽي ۾ هاسٽلن جي کوٽ سميت ڪيترائي مسئلا آهن، جن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ خاص فنڊنگ جو اعلان ڪري.  هن چيو ته شاگرد مطمئن رهندا ته يونيورسٽي کي اطمينان هوندو پر جيڪڏهن شاگردن کي پريشاني ٿي ته هو دشمنن جي چنبي ۾ اچي سگهن ٿا، تنهن ڪري کين سموريون تعليمي ۽ تحقيقي سهولتون ڏئي کانئن گهربل نتيجا وٺي سگهجن ٿا، جنهن لاءِ وفاق مدد ڪري.  ان موقعي تي ڪانفرنس کي نيشنل يونيورسٽي آف ملائيشيا جي پروفيسر ڊاڪٽر رويچندن مورٿي، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 رپورٽ : نويد راجپوت

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے