21 ڇنڇر , آڪٽوبر 2017

واٽس ايپ جا صارف تيار رهن ڪجهه نوان فيچر اچڻ لاءِ تيار

WhatsAppلنڊن(ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ صارفن جي آساني لاءِ جلد نوان دلچسپ فيچر متعارف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي ذريعي صارفن ڪنهن به ڄاڻ کان سواءِ پنهنجو نمبر تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ پهرين ڀيرو لائيو لڪيشن جو فيچر به شامل ڪيو پيو وڃي. واٽس ايپ پنهنجي ونڊو فون صارفن لاءِ 2 نوان ۽ دلچسپ فيچر متعارت ڪرائي رهيو آهي جن لاءِ ڪو به مقرر وقت ته ناهي ٿيو پر صارف نئين فيچر ذريعي آساني سان پنهنجو نمبر تبديل ڪري سگهندا ۽ نئين نمبر کي موبائل ۾ موجود ماڻهن کي اهو نمبر شئير نه ڪرڻ لاءِ ٽي آپشن پڻ رکيا ويا آهن جنهن تحت هو پنهنجو نئون نمبر ماڻهن کان ڳجهه ۾ رکي پراڻي نمبر سان ئي واٽس ايپ استعمال ڪري سگهندا. پهرين آپشن جي ذريعي نئون نمبر موبائل ۾موجود ماڻهن ڏانهن شئير ڪري سگهجي ٿو ۽ ٻئي آپشن ذريعي نمبر خاص  ماڻهن يا گروپن سان گڏ شئير ڪري سگهجي ٿو ۽ 3 آپشن ۾ نئون نمبر ڪنهن سان گڏ شئير ڪرڻ کان سواءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ هن سان توهان جي واٽس ايپ ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هونڊا نئين ايس يو وي گاڏي وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏي

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) هونڊا پنهنجي نئين هائيبرڊ گاڏي سي آر وي 2018ج مختلف ملڪن ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي