27 خميس , اپريل 2017

لاهور جي بيديان روڊ ڌماڪي وڌيڪ هڪ زخمي فوت، انگ 8 ٿي ويو

Lahore Blastلاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي بيديان روڊ ڌماڪي جي زخمين مان وڌيڪ هڪ ڄڻو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، شهيد ٿي ويلن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي. بيديان روڊ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل لانس نائيڪ شمشاد احمد سي ايم ايڇ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، سندس لاش وارث گهر کڻائي ويا. اسپتال ذريعن موجب بيديان ڌماڪي ۾17 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، جن مان 14 ڄڻن جو علاج ڪري کين گهر موڪليو ويو آهي، 2 ڄڻن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، جن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bilawal

بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڪشمير جي حريت اڳواڻ آسيا اندرابي جي گرفتاري جي مذمت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير جي حريت اڳواڻ آسيا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي