17 بدھ , جنوری 2018

ڪراچي ۾ پوليس ڪارروائيون، 11 جوابدار گرفتار

Policeڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس مختلف ڪارروائين دوران دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر سميت 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. پي آءِ بي ڪالوني جي ڪرنال پاڙي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري درويش آفريدي گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد يعقوب عرف فوجي گرفتار ڪيو. منگهي پير ڪنواري ڪالوني ۾ پوليس گهر گهر جهڙتي دوران 23 شڪين کي گرفتار ڪري سڃاڻپ جا دستاويز تصديق ۽ ڪريمنل رڪارڊ جي  چيڪنگ جي لاءِ پير آباد ٿاڻي منتقل ڪيو. فريئر پوليس به چار اسٽريٽ ڪرمنلن کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته گلبرگ مان اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪياماڙي مان ٽي جڏهن ته ٽيپو سلطان پوليس ٻه جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم: سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کان 22 فيبروري تائين پيرا وائيز جواب طلب ڪري ورتا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ کي روڪڻ بابت چيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے