21 سومر , آگسٽ 2017

نورين ساهيڙين سان گڏ تبليغ ۽ انهن کي پاڻ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي: عرفان بلوچ

Irfan Balochحيدرآباد(ويب ڊيسڪ) نورين لغاري ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته نورين ڪاليج ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ تبليغ ۽ ساهيڙين کي پاڻ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان بلوچ چيو ته نورين جا خيال انتهاپسنداڻا هئا، هن پنهنجي ساهيڙي کي ٻڌايو هو ته جهاد پسند ماڻهن سان رابطي ۾ آهي ۽ جهاد ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته نورين لغاري لاهور وڃڻ جي لاءِ پنهنجو نالو تبديل ڪيو، نورين لغاري پنهنجي ساهيڙي سان جهاد بابت ڳالهيون شيئر ڪيون، نورين ڪاليج ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ تبليغ ڪندي رهي ۽ هوءَ پنهنجي ساهيڙين کي پاڻ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊ سڌارن کانسواءِ چونڊون ٿيون ته گندگي موٽي ايندي: طاهرالقادري

لاهور (ويب ڊيسڪ): پاڪستان عوامي تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته چونڊ سڌارن کانسواءِ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي