20 جمعو , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز پروگرام : مڪالمه | ميزبان : ڊاڪٽر جبار خٽڪ | مهمان : انور زيب خان

پ پ ۽ اي اين پي ۾ ناڪاري عنصر شامل ٿي ويا، رياست بابت نئين پڌرنامي جي ضرورت آهي: انور زيب خان

يونيورسٽي انتظاميا جي ڏاڍاين خلاف آواز اٿارڻ تي مشعال کي توهين جي آڙ ۾ مارايو ويو: سماجي ڪارڪن

مشعال کي يونيورسٽي انتظاميا تي تنقيد سبب ڌمڪيون به مليون، پوليس قاتلن کي نه روڪيو

پختون ايس ايف سان تعلق رکندڙ مشعال کي ماريندڙ مک ماڻهو به ساڳي پارٽي جو آهي پر اي اين پي بيان ناهي ڏنو

پيغام ڏنو پيو وڃي ته ملڪ ۾ ترقي پسند خيالن واري لاءِ ڪا جاءِ ناهي: کاٻي ڌر اڳواڻ جون عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”مڪالمه“ ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) يونيورسٽي انتظاميا جي ڏاڍاين خلاف آواز اٿارڻ ۽ شاگردن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي مشعال خان مذهب ۽ توهين جي آڙ ۾ مارايو ويو. اهڙو اظهار کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن انور زيب خان عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”مڪالمه“ ۾ ڪيو. ميزبان ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي خطو چاليهه سالن کان انتهاپسندي۽ رجعت پرستي واري ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، مشعال خان ۽ سلمان تاثير جو قتل انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي، هن چيو ته مشعال خان مختلف جڳهن تي ۽ انٽرويوز ۾ يونيورسٽي انتظاميا تي تنقيد ڪندو رهندو هو، جنهن لاءِ هن کي ڌمڪيون به مليون هيون. هن جو تعلق پختون اسٽوڊنٽ فيڊريشن سان آهي پر هن جو مک قاتل به ساڳي پارٽي جو آهي، هن چيو ته جي لوڪل انتظاميا جو تعلق به عوامي نيشنل پارٽي سان آهي، پر اهو معنيٰ خيز آهي، هن وقت تائين عوامي نيشنل پارٽي طرفان قتل خلاف ڪو بيان نه آيو. هن چيو ته معاملي ۾ ڪيتريون شيون غور طلب آهن، جنهن ڏينهن مشعال کي قتل ڪيو ويو، انهيءَ ڏينهن هن جي خلاف نوٽيس به جاري ڪيو ويو.پوليس به قتل دوران موجود هئي پر انهن قاتلن کي نه روڪيو ۽ يونيورسٽي جو هڪ ملازم به قاتلن ۾ موجود آهي، هن چيو ته هڪ منصوبي تحت ترقي پسند سوچ رکندڙ روشن خيال ۽ جمهوري سوچ رکندڙ ماڻهن کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته ملڪ ۾ انهن لاءِ جڳهه ڪونهي، پ پ ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي اڪيلو ڪيو پيو وڃي، ٻنهي پارٽين جي صفن ۾ به ناڪاري سوچ رکندڙ عنصر گهڙي آيا آهن، انهيءَ لاءِ هيٺين سطح تائين انهن پارٽين ۾ مختلف معاملن تي بحث مباحثو ٿيڻ گهرجي، عوامي نيشنل پارٽي جي موجوده سياسي قيادت دفاعي پوزيشن ۾ آهي. ملڪ ۾ جمهوري ۽ روشن خيال پارٽين ۾ هڪ اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان اسٽيبلشمينٽ طرفان هڪ اهڙي قومي بيانن (پڌرنامي/تشريح) جي ضرورت آهي، جيڪو ملائيت ۽ انتهاپسند رياست هجڻ واري تصور کي رد ڪري.پروگرام ڏسڻ لاءِ وزٽ ڪيو http://awamiawaz.com/126188

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: لاڙڪاڻي ۾ وي آءِ پي موومنٽ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين چانڊڪا پل بند ڪئي وئي، سوين ماڻهو پريشان

 اڄ ڪنهن وي آء پي جي اچڻ جي ڪري لاڙڪاڻو جو چانڊڪا پل وارو  روڊ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي